135

ڪوريئڙي جي زهر سان علاج…

ليکڪ: الطاف ابڙو

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ”فنيل بيب“ نالي ڪوريئڙي جي زهر ۾ اهڙا عنصر شامل آهن جيڪي هارٽ اٽيڪ کان پوءِ دل ۾ ٿيندڙ خرابين کي دور ڪري سگھن ٿا. نه رڳو اهو پر ان جي مدد سان ٽرانسپلانٽ ڪرائڻ وارن مريضن جي دل جي زندگي ۾ به اضافو ڪري سگھجي ٿو. ڪوريئڙي جي زهر سان علاج جي کوجنا ڪئنسلينڊ يونيورسٽي جي ڊاڪٽر ناٿن پلنپت، پروفيسر گلين ۽ وڪٽر چينگ ڪارڊيئڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي پروفيسر پيٽر مئڪڊونلڊ سان گڏجي ڪئي آهي.  ڊاڪٽر ناٿن پلنپت جو چوڻ آهي ته ڪوريئرڙي جي زهر ۾ هلا نالي هڪ لحميات (پروٽين) ملي ٿو جيڪو دل مان نڪرڻ وارن نقصانڪار سگنل کي روڪڻ جو ڪم ڪري ٿو. ان ريت جيوگھرڙن جي موت کي روڪي سگھجي ٿو. جنهن ڪري دل جي جيوگھرڙ ن ۾ پيدا ٿيل خرابيون دور ٿين ٿيون. سائنسدانن جي دعويٰ آهي ته هن مهل تائين اهڙي ڪا به دوا ناهي تيار ڪئي وئي جيڪا دل جي دوري کان پوءِ ٿيندڙ خرابيون ختم ڪري سگھي. پروفيسر مئڪڊونلڊ جو چوڻ آهي ته،”اها دوا دنيا ۾ دل جي تڪليف ۾ ورتل مريضن کي فائدو ڏياريندي. ان کان سواءِ هڪ وڏو فائدو هلا پروٽين جي مدد سان ڊونر جي ذريعي ڊونيٽ ڪيل دل جي جيوگھرڙن ۾ به سڌارو ايندو. ان ريت دل جي ٽرانسپلانٽيشن جي ڪاميابي جا امڪان تمام گھڻا وڌي ويندا. ان سان گڏوگڏ دل جي جيوگھرڙن جي مرمت لاءِ به تحقيق شروع ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته  دماغ جيان دل به جسم جو اهم عضوو آهي جنهن جو خاص ڪري انساني جسم لاءِ رت جي دوري ۾ اهم ڪردار آهي، جنهن سان پوري جسم کي آڪسيجن جي سپلاءِ ٿيندي آهي ۽ دل جي ڪم يعني رت جي وهڪري ۽ آڪسيجن جي سپلاءِ ۾ رنڊڪ سبب مريض جي جان کي خطرو وڌي ويندو آهي. محققن جو چوڻ آهي ته ان پروٽين سان تيار ٿيندڙ دوا جو استعمال ايمرجنسي ۾ به ڪري سگھبو، ڇاڪاڻ ته اڪثر هارٽ اٽيڪ جي معاملن ۾ مريض کي تڪڙي علاج جي ضرورت پوندي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو