114

ايندڙ اليڪشن لاءِ سنڌ ۾ وڌي ويل سياسي سرگرميون..!!

ليکڪ: ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

”عورتون سياست ۾ اڳتي اچن. اُهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن مراد علي شاهه ۽ نثار کهڙو جي جاءِ تي عورتون هونديون.“ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو اعلان ته چڱو آهي پر خدا ڪري ته ان تي عمل به ٿئي، عام چونڊن ۾ اڃا لڳ ڀڳ 2 سال پيا آهن، گڏوگڏ بلدياتي چونڊن جو به باضابطه شيڊيول ڪونه ڏنو ويو آهي پر آيل خبرن موجب پوري ملڪ کان وڌيڪ سياسي سرگرمي سنڌ اندر شروع ٿي چُڪي آهي. وزيراعظم عمران خان به سنڌ اندر سياسي چُرپُر ڪرڻ لاءِ اڳوڻي وزيراعليٰ ارباب غلام رحيم کي پنهنجو صلاحڪار ٺاهي اسلام آباد جي سرزمين تي هُن لاءِ سياسي گهر ته الاٽ ناهي ڪيو، باقي سنڌ اندر سياسي جوڙ ٽوڙ جو ٽاسڪ ضرور ڏنو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجي صوبائي حڪومت ٺاهڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن. ان کان سواءِ موجوده سنڌ حڪومت خلاف ٻيا به اتحاد جڙي رهيا آهن، جن جون گڏجاڻيون ڪڏهن گهوٽڪي ته ڪڏهن وري لاڙڪاڻي ۾ ٿي رهيون آهن، لاڙڪاڻو اتحاد هجي يا گهوٽڪي جا مهر صاحبان، انهن به سندرا ٻڌي پنهنجا اتحاد ٺاهي، هن ڀيري وڏي حڪمت عمليءَ سان پ پ حڪومت خلاف رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيو آهي، صوبي اندر اهڙو ٻڙڌڪ مچڻ کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي به تحرڪ ۾ اچي وئي آهي. سندن خلاف جڙندڙ اهڙن اتحادن جا چئلينج قبولڻ سان گڏوگڏ شروعاتي طور تي انهن سنڌ ڪابينا اندر وزارتن جي تبديلي ۽ ڪجهه نوان صلاحڪار ۽ معاون به مقرر ڪيا آهن ۽ ظاهري طور پ پ قيادت صوبائي صدر نثار کهڙو کي سنڌ اندر پاڻيءَ جي کوٽ خلاف پوري صوبي ۾ 5 سيپٽمبر کان احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، پر اڻ سڌيءَ طرح پاڪستان پيپلز پارٽي پوري صوبي، ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سياسي جلسا ڪرڻ ۽ عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ اها تحريڪ شروع ڪئي آهي. جڏهن ته تازو پ پ چيئرمين به تقريبن صوبي جي اڪثر ضلعن اندر سياسي جلسا ۽ عذر خواهيون ڪري چُڪو آهي. پ پ چيئرمين جو قافلو ڪراچيءَ کان ٿيندو ٺٽي پهتو، جتي هن شيرازي ڀائرن سان عذر خواهي ڪرڻ کانپوءِ وڏن قافلن جي صورت ۾ آخري جلسو گهوٽڪيءَ ۾ ڪيو جيڪو سنڌ جو آخري ڇيڙو آهي، انهيءَ جلسي ۾ پ پ چيئرمين اهو اعلان ڪيو ته عورتون اڳتي اچن، انهن کي مضبوط ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو مشن آهي. باقي پ پ چيئرمين پوري صوبي جي هڪ پٽي يعني ٺٽي کان نوابشاهه، ٽنڊو الهيار، خيرپور، ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ ٻين هنڌن تائين جيڪي به جلسا ۽ پريس ڪانفرنسون ڪيون، تن ۾ ڳالهيون اهي ئي روايتي هيون، جيڪي پ پ چيئرمين پي ڊي ايم جو حصو هجڻ کانپوءِ ۽ اڄ سوڌو ٿي رهيون آهن. آئون سمجهان ٿو ته تازو پ پ چيئرمين جيڪو عذر خواهيون ڪرڻ جي نالي تي سنڌ جو دورو ڪيو آهي، ان کي ايندڙ چونڊن جي تياريءَ جو حصو چئي سگهجي ٿو. انهن اعلانن يا موقفن سان ته بحث نٿو ڪري سگهجي. پ پ چيئرمين جي تازي دوري دوران مختلف ضلعن اندر اهم جلسا ڪيا ويا، گهوٽڪي ۾ آخري جلسو ٿيو. جتي ڌاريجا ڀائر مڪمل طور ٻاهر رهيا، جڏهن ته ان وقت هڪ عجيب ڏيک ڏسڻ ۾ به آيو، جڏهن جلسي اندر ٻن طاقتور سياسي اڳواڻن ڄام مهتاب ڏهر ۽ تازو پي ٽي آءِ کي الوداع ڪري پ پ ۾ شموليت ڪندڙ شهريار خان شر ٽن ڪلاڪن تائين سينگاريل اسٽيج تي گڏ ته ويٺا رهيا پر ٻنهي جا رُخ الڳ الڳ هئا. جنهن مان ثابت ٿي رهيو آهي ته هن وقت پوري سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پ پ اندر ظاهري يا اڻ ظاهريءَ طور وڇوٽيون وڌي رهيون آهن. ان جلسي ۾ پ پ ايم اين اي محمد بخش خان مهر به پنهنجن سئوٽن خلاف خوب ڇوهه ڇنڊيا. هونئن جي سنڌ جي سياسي صورتحال جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته سڀ کان وڌيڪ سياسي سرگرمي گهوٽڪي ضلعي ۾ هلي رهي آهي، خاص طور جڏهن کان مهر سردارن وچ ۾ پڳ تان ڇڪتاڻ شروع ٿي آهي، ته اها جدوجهد اليڪشني مهم ۾ تبديل ٿي وئي آهي، گهوٽڪي شهر توڙي خانپور مهر، ميرپور ماٿيلو کان وٺي گهوٽڪي ضلعي جي آخري تعلقي اوٻاوڙو تائين، جتي ڄام مهتاب ڏهر ۽ شهريار خان شر ساڳي حلقي تان اليڪشن وڙهندا آهن، سندن سامهون ايندڙ رويا خبر ناهي ايندڙ اليڪشن ۾ ڪهڙا پيغام کڻي ايندا، ڇو ته وقت کان پهريان ڪجهه چئي نٿو سگهجي ٻيو ته اڃا اليڪشن ۾ ٻه سال پيا آهن، پر پ پ قيادت لاءِ گهوٽڪي ضلعي جي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال افسوس جهڙي نظر ايندي ڪافي سوال جنم وٺي رهيا آهن. گڏوگڏ وزيراعظم جو معاون ارباب غلام رحيم به جتي ٻين ضلعن اندر تحرڪ ۾ نظر اچي رهيو آهي، ساڳئي وقت هو گهوٽڪي ضلعي جي مک سياسي اڳواڻ سردار علي گوهر خان مهر سان به ملاقاتون ڪري چُڪو آهي ۽ هو گهوٽڪيءَ جي مختلف برادرين وٽ وڃي عذر خواهيون ۽ ملاقاتون پڻ ڪري چُڪو آهي. (هلندڙ)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو