107

ووٽنگ مشين: ٻين جي راءِ جو احترام ٿيڻ گهرجي

ايڊيٽوريل

اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي 2 ڏينهن اڳ 37 اعتراض واري ڪجهه تجويزون ڏنيون هيون ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو هو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان راضداري نه رهندي، نه شفافيت ۽ نه ئي ڌانڌلي کي روڪي سگهبو، رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو هو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ وقت به گهٽ آهي، ووٽر مشن تي 150 ارب خرچ ايندو، اليڪٽرانڪ ووٽر مشين ڪنهن جي تحويل ۾ رهندي ڪجهه نه ٿو ٻڌايو وڃي، آساني سان هيڪ به ٿي سگهندي، نتيجن ۾ به دير ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته ان تي مخالف ڌر جون پارٽيون پڻ متفق نه آهن، ان ڪري ان جو استعمال ڏکيو ٿي پوندو، جڏهن ته ڪالهه وري وفاقي حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت اليڪشن ڪميشن جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن. وفاقي وزير شبلي فراز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن 37 نقطن تي اعتراض ڪيو آهي جن مان 27 نقطن جو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان واسطو ئي نه آهي، پر اهي اليڪشن ڪميشن جي ڪم ڪرڻ جي سگهه سان لاڳاپيل آهن. انهن 27 نقطن کي منهن ڏيڻ اسان جو ڪم نه آهي.  رڳو 10 نقطن جو واسطو اليڪٽرانڪ مشين سان آهي . هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي جڏهن ووٽنگ مشين بابت بريفنگ ڏني ته ان مشين جي ڪم جو سڌي ريت عملي مظاهرو به ڪيو. ڌانڌلين جون شڪايتون ختم ڪرڻ جي لاءِ ووٽنگ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪرڻ لازمي ٿي پيو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪندڙ نه ٿا چاهين ته چونڊون شفاف ٿين. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته مخالف ڌر جي اهم پارٽين پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي خدشا ظاهر ڪرڻ بعد وفاقي حڪومت کي انهن سان گڏ ويهڻ گهرجي ها ۽ انهن جي خدشن کي ٿڌي دل سان ٻڌي ان تي ايندڙ اعتراضن کي ختم ڪرڻ گهرجي ها، پر بدقسمتي سان موجوده حڪومت گذريل ٽن سالن دوران مخالف ڌر کي دشمن جي طور تي ڏسندي سمورن قومي نوعيت وارن معاملن تي به يا ته آرڊيننس جو سهارو وٺي ٿي، يا وري انهن تي ڪم ئي نٿو ڪيو وڃي ۽ الزام مخالف ڌر مٿان هنيو وڃي ٿو پر جڏهن ملڪ ۾ چونڊون ڪرائيندڙ ۽ آئيني طور تي خودمختيار اداري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران اعتراض آيا هئا ته پوءِ معاملي کي وڌيڪ سنجيده وٺڻ جي ضرورت هئي پر هتي ته چري ويران ويران وڌ واري ڪار لڳل آهي، موجوده حڪومت اهو طئه ڪري ڇڏيو آهي ته سندن ڪنهن به منصوبي تي ڪو به اعتراض ڪندڙ سندن دشمن آهي، جڏهن ته اها سوچ ئي جمهوريت جي دشمن آهي، ڇو ته جمهوريت جو مقصد اهو آهي ته ملڪ ۾ سمورين ڌرين کي گڏ کڻي هلجي ۽ خاص ڪري قومي ۽ آئيني قسم جا فيصلا حڪومت سميت مخالف ڌر سان گڏجي ڪرڻ گهرجن، جيئن اهي تڪراري بڻجڻ کان بچي سگهن پر هتي ته بنهه ابتڙ ڪم ٿي رهيو آهي ۽ موجوده حڪومت ملڪ اندر نون روين کي جنم ڏنو آهي، جيڪو يقينن افسوس جوڳو عمل آهي، اسان سمجهون ٿا ته ووٽ جمهوريت جو بنيادي ۽ اهم عنصر آهي، ان کانسواءِ جمهوريت جو تصور به ممڪن نه آهي، ان ڪري انهن انتهائي حساس ۽ اهم معاملي تي ڪنهن به قسم جي ضد ۽ انا کان پاسو ڪري قومي اتفاق راءِ سان فيصلا ٿيڻ گهرجن، ڇو ته جيڪڏهن حڪمران ضد تي رهيا ته چونڊ سڌارن بابت فيصلا ٿيڻ ناممڪن بڻجي ويندا ۽ جيڪڏهن چونڊ سڌارا نٿا ٿين ته ملڪ جون ايندڙ چونڊون ملڪي تاريخ جون سڀ کان وڌيڪ تڪراري چونڊون هونديون، ان ڪري ضد کان پاسو ڪري ٻين جي راءِ جو احترام ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو