128

استعفا ڏيو، لانگ مارچ ڪريو يا وري اعلان ڪري ڇڏيو ته حڪومت جا سهولتڪار آهيو، ٻه چاپڙي پاليسي نه هلندي: پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي دي ايم کي  چيو آهي ته استعفا ڏيو، لانگ مارچ ڪريو يا وري اعلان ڪري ڇڏيو ته حڪومت جا سهولتڪار آهيو، ٻه چاپڙي پاليسي نه هلندي. رحيم يار خان ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن اسان توهان سان گڏ هئاسين ته توهان چيو استعفا بنا ڪم نه هلندو، هاڻ توهان لاءِ چئلينج آهي اسان سان گڏجي پنهنجو ووٽ استعمال ڪريو .  اسان چئون ٿا ووٽ استعمال ڪري بزدار کي ڀڄايو، عمران کي گهر موڪليو، ووٽ استعمال ڪريو يا استعفا ڏيو ، ڪو هڪ ڪم ڪرڻو ئي پوندو. ايئن نٿو ٿي سگهي ته ووٽ جي عزت جي ڳالهه ڪريو ۽ ووٽ جي استعمال وقت ڀڄي وڃو،  لانگ مارچ جو به اعلان ڪري پوئتي هٽي ويا، هاڻ توهان کي ڪجهه ڪرڻو پوندو نه ته پنجاب جو عوام ڄاڻي ويندو ته اها منافقت آهي، جيڪڏهن توهان تيار نه ٿيندا ته عوام توهان کي معاف نه ڪندو . استعفا ڏيو، لانگ مارچ ڪريو يا وري اعلان ڪري ڇڏيو ته حڪومت جا سهولتڪار آهيو، ٻه چاپڙي پاليسي نه هلندي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پهرين اسان اوهان کي ويهي سمجهايو هو پر هاڻ اسان اوهان کي مجبور ڪنداسين ته اوهان اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي عثمان بزدار ۽ عمران خان کي گهر اماڻيو . هاڻ اهو نٿو ٿي سگهي ته  اوهان ووٽ کي عزت ڏيو جي ڳالهه ڪريو پر جڏهن ووٽ جي استعمال جو وقت اچي ته اوهان ڀڄي وڃو ۽ چونڊن ۾ بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. اوهان جي ڪري عوام اسان سان به ناراض پيو ٿئي، ووٽ جي عزت  ڪريو ٿا ته استعمال به ڪريو، گڏجي مقابلو ڪندا ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي حڪومت ڊهي پوندي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سليڪٽڊ هڪ به واعدو پورو نه ڪيو، عمران خان هر هڪ واعدو ڪوڙو نڪتو، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ 50 لک گهر ٺاهڻ جو واعدو ڪوڙو نڪتو. اسان کي اڃان نالائق ۽ نااهل حڪومت سان مهاڏو اٽڪائڻو آهي. پاڪستان عوامي حڪومت لاءِ سِڪي رهيو آهي، وفاق ۽ صوبن ۾ ايندڙ حڪومت پ پ ٺاهيندي،  اڄ نه ته سڀاڻي اسان هن حڪومت کان حساب وٺنداسين ۽ جڏهن حساب جو وقت ايندو ته عمران خان اڪيلو ئي رهجي ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو