فائرنگ 110

فيصل آباد: گهرو جهيڙي تي ڏير فائرنگ ڪري ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ گهرو جهيڙي تي ڏير فائرنگ ڪري ڀاڄائي کي ماري ڇڏيو. تفصيل مطابق ستيانه رودفش فارم ويجهو الله دتا نالي شخص گهرو جهيڙي تي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي 35 سالن جي ڀاڄائي ڪوثر بي بي زال غلام جعفر کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ٿاڻي صدر فيصل آباد جي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ لاش قبضي ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ واقعي واري هنڌ تان گولين جا خول ۽ شاهديون گڏ ڪري وڌيڪ ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي آهي پوليس مطابق قتل ٿيل عورت کي ٻه گوليون لڳيون جنهن سبب هو ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي. پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري سندس گرفتاري جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو