اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته ”ميرا پاڪستان ميرا گهر“ اسڪيم تحت 31 آگسٽ تائين 59 ارب رپين جي قرضن جون درخواستون منظور ڪيون ويون آهن. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل ٽوئيٽ مطابق ”ميرا پاڪستان ميرا گهر“ اسڪيم تحت 154 ارب رپين جي قرضن لاءِ مان درخواستون سڄي ملڪ جي 8 هزار بئنڪن جي شاخن کان مليون آهن. 31 آگسٽ 2021ع تائين 59 ارب رپين جي قرضن جون درخواستون منظور ڪيون ويون آهن. 31 آگسٽ تائين 11.5 ارب رپين جا قرض پڻ جاري ڪيا ويا آهن. اهي قرض گهرن جي تعمير ۽ نَون گهرن جي خريداريءَ لاءِ ڏنا ويا آهن.
119