157

گورنر سنڌ سجاول ۾ عورت سان مبينا ڏاڍائي جو نوٽيس ورتو، جوابدار گرفتار ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سجاول ۾ عورت سان مبينا ڏاڍائي جي حوالي سان ميڊيا رپورٽن جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي ملوث جوابدار کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل آءِ جي سنڌ کي هدايت جاري ڪندي چيو ته عورت سان مبينا ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، هن چيو ته اهڙي قسم جا افسوسناڪ واقعا معاشري لاءِ شرم جو سبب آهن، گورنر وڌيڪ چيو ته عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جي واقعن جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو