ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان جي ثقافتي ڪميشن جي نائب سربراهه احمدالله واثق چيو آهي ته عورتن کي ڪرڪيٽ سميت ڪنهن به اهڙي راند جي اجازت نه ڏينداسين، جنهن ۾ انهن جو جسم ۽ چهرو ڍڪيل نه هجي، پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي طالبان اڳواڻ چيو ته عورتن جو راندين ۾ حصو وٺڻ نه مناسب آهي ۽ نه ضروري آهي، مخالفن جي ردعمل سبب اسلامي قدرن کي پائمال نه ڪنداسين، احمدالله واثق جو چوڻ هو ته اسان جو خيال ناهي ته عورتن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي، ڇو ته ڪرڪيٽ ۾ عورتون اهڙي صورتحال کي منهن ڏينديون آهن، جتي انهن جو جسم ۽ چهرو ڍڪيل ناهي هوندو ۽ اهو اسلامي تعليم خلاف آهي، هن چيو ته هي ميڊيا جو دور آهي ۽ سمورا ماڻهو تصويرون ۽ ويڊيوز ڏسندا آهن، امارت اسلامي افغانستان عورتن کي اهڙي ڪنهن راند جي اجازت نه ڏيندو، جنهن ۾ انهن جو جسم نظر اچي.
119