اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پ پ اسان جي ڳالهه مڃي ها ته اڄ حڪومت ختم ٿي چڪي هجي ها ۽ چونڊون ٿي چڪيون هجن ها. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اسان جي صفن ۾ به مير جعفر ۽ مير صادق جهڙا موجودهئڻ سبب ئي پي ڊي ايم کي نقصان پهتو. استعفائن جو آپشن پي ڊي ايم جي پڌرائيءَ ۾ موجود هو، آڇون ته اسان کي به ٿيون پر قبول نه ڪيونسين. اسان ته اڃان ٻيو گهڻو ڪجهه ڄاڻون ٿا، پر اسين ڪو محاذ کولڻ نه ٿا گهرون، جيڪڏهن اسان محاذ کولڻ تي آياسين ته پوءِ هڪ سئي به نه رهندي، هن ملڪ ۾ گهڻو وقت رڳو آمرن ئي حڪومت ڪئي آهي، جمهوريت اڄ به يرغمال ٿيل آهي.
105