142

خيرپور ۾ صوبائي وزير جي کليل ڪچهري، پيئڻ جي صاف پاڻي، ڪلر، سم، ڊرينيج ۽ روينيو خلاف شڪايتون

خيرپور (ويب ڊيسڪ) مائينز  ۽ منرل جي صوبائي وزير سنڌ شبير علي بجاراڻي چيو آهي ته کلي ڪچهرين منعقد ڪرڻ جو مقصد صوبي جي عوام کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل کي يقيني بڻائڻ آهي.  هن چيو ته اڄ وزير اعلي سنڌ جي خصوصي هدايتن تي شرڪت ڪئي آهي ته جيئن غريب مسڪسينن ۽ هيٺين طبقي جي عوام جا بنيادي ۽ جائز مسئلا سندن جي دروازن تي ئي حل ٿي سگهن. هن ضلعي جي آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو پنهنجي پنهنجي آفيسن ۾ ويهي عوام جا جائز مسئلا فوري طور تي حل ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. ان موقعي واپڊا، اسڪارپ ۾ انجنيئر جي نه هجڻ ۽ ٽيوب ويل جو ڪم نه ڪرڻ، پيئڻ جو صاف پاڻي، ڪلر ۽ سم، ڊرينيج، زميني کاتن ۾ ڦير ڦار، پوليس، ملازمن جي پگهارن، ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جي کوٽ، زراعت، واهن جو پاڻي سميت ٻيا تمام اهم مسئلا پڻ صوبائي وزير آڏو رکيا ويا. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ جو معاون خاص اقبال ساند، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر منور وساڻ، ايم اين اي مهرين ڀٽو، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو، ايس ايس پي ملڪ ظفر اقبال، اي ڊي سي ٽو اقبال حسين جنڊاڻ، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر اعجاز ميمڻ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو، ايڪسيئن پبلڪ هيلٿ ساجن مل، اٺن تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر،  مظهر علي مڱڻهار، عتيق ڦلپوٽو  سميت تمام آفيسرز موجود هئا.کلي ڪچهري ۾ تمام سرڪاري کاتن جي اعليٰ آفيسرن کي طلب ڪيو ويو هو ته جيئن عوامي مسئلن جو بروقت ازالو ٿي سگهي. زميني کاتن ۾ ڦير ڦار ۽ زمينن تي قبضن بابت پڇيل سوالن جي جواب تي صوبائي وزير ڊي سي خيرپور کي چيو ته هنن جا مسئلا ٻڌي فوري طور تي حل کي يقيني بڻايو وڃي ۽ رپورٽ جمح ڪرائي وڃي. پيئڻ جي صاف پاڻي، ڊرينيج ۽ ڊسپوزل سميت ٻيون ترقياتي اسڪيمون مڪمل نه هجڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ صوبائي پبلڪ هيلٿ جي ايڪسيئن کان ڪارڻ دريافت ڪيا ۽ عوامي مسئلن جي فوري حل لاءِ سخت حڪم جاري ڪيا، ٽرانسپورٽرن جي مسئلن تي ڳالهائيندي صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي چيو ته اسان ٽرانسپورٽرن جا جائز مسئلا ڪابينا ۾ کنيا آهن. صوبائي وزير سب انجنيئر جي اپگريڊيشن ۽ پروموشن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته وڏو وزير ان مسئلي تي با خبر آهي ان جي جي حل لاءِ اهڙيون هدايتون چيف سيڪريٽري کي پڻ جاري ڪيون ويون آهن. شهر اندر امن امان برقرار رکڻ، مظلومن کي فوري طور تي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال کي هدايتون ڏنيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو