اسلام آباد/ڪابل (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مان 30 ٽن خوراڪ ۽ دوائون کڻي جهاز افغانستان پهچي ويو. ڪابل ۾ پاڪستان جي سفير ۽ افغان اختيارين امدادي سامان وصول ڪيو. گذريل ڏينهن پاڪستان افغانستان کي انساني بنيادن تي خوراڪ ۽ دوائون اماڻڻ جو فيصلو ڪيو هو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان عاصم افتخار هڪ بيان ۾ چيو ته فضائي رستي مان فوري امداد کان پوءِ زميني رستي مان امداد به اماڻي ويندي. ترجمان چيو هو ته حڪومت هلندڙ صورتحال دوران افغان ڀائرن جي امداد جاري رکندي. عالمي برادري بحران ۾ افغانستان جي انساني بنيادن تي امداد لاءِ ڪردار ادا ڪري.
102