112

ڪراچي جي عدالت ۾ چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت، هڪ جوابدار کي موت ۽ ٻئي کي عمر قيد جي سزا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسپيشل ماڊل ٽرائل ڪورٽ 3213 ڪلو گرام کان وڌيڪ چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار نعيم اختر عرف حيدر کي موت، جڏهن ته ٻئي جوابدار سميع الدين کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، عدالت جوابدار نعيم اختر جي ملڪيت پڻ ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته جوابدار سميع الدين کي 10 لک رپيا ڏنڊ جي پڻ سزا ٻڌائي آهي، ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران اي اين ايف جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته نومبر 2012ع ۾ ڳجهي اطلاع تي مرشد اسپتال مواڇ ڳوٺ ۾ گاڏي کي روڪيو هو، گاڏي جي تلاشي دوران 20 پيڪيٽ چرس جن جو وزن 100 ڪلو گرام هو اهي هٿ ڪيا ويا جڏهن ته جوابدار جي نشاندهي تي مواڇ ڳوٺ ۾ گودام تي ڇاپو هنيو جنهن ۾ 3213 ڪلو گرام چرس هٿ آيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو