103

ڪانتا ڪماري قتل ڪيس ۾ گرفتار سندس مڙس جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت پسند جي شادي ڪندڙ ڪانتا ڪماري جي مبينا قتل ڪيس ۾ گرفتار سندس مڙس آنند جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل جوابدار پاران ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ڏنو، ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران فريادي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار پنهنجي گهر واري کي قتل ڪيو آهي ۽ جوابدار جي بيانن ۾ به تضاد آهي، جڏهن ته مقتولا ڪانتا ڪماري جي نڪ جي هڏي پڻ ٽٽل هئي، جوابدار اڳ ۾ بيان ڏنو هو ته مقتولا پاڻ پنهنجي ڳچي ۾ ڦاهو ٻڌي آپگهات ڪيو پر بعد ۾ بيان ڏنو ته ڪانتا ڪماري ڪري پئي هئي، ياد رهي ته جوابدار آنند عدالتي رمانڊ تي جيل ۾ آهي، جوابدار خلاف بغدادي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو