118

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کنڀي گم ڪيل شهرين جي بازيابي لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ ٻن سڳن ڀائرن سميت مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل شهرين جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران پراونشل ٽاسڪ فورس جي ايس او پيز ۽ اختيارن جي دائري بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر جي چمن روانگي ۽ ڪارڪردگي بابت رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي، ڪالهه ٻڌڻي دوران گم ٿيل ٻن ڀائرن دانش رشيد ۽ جنيد رشيد جي والده عدالت کي ٻڌايو ته منهنجا ٻئي پٽ سيپٽمبر 2017ع کان گم آهن، جڏهن ته گذريل ٻڌڻي تي ڪيس جي جاچ آفيسر ٻڌايو هو ته سندن پتو لڳايو ويو آهي ۽ معاملو حل ٿيڻ جي ويجهو آهي، ان موقعي تي جسٽس صلاح الدين پنهور پڇا ڪئي ته جاچ آفيسر ڪاٿي آهي؟ ۽ هن هينئر تائين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جو جاچ آفيسر انهي ڪيس جي سلسلي ۾ چمن بارڊر ويل آهي جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي جاچ آفيسر جي چمن روانگي ۽ ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان موقعي تي هڪ ٻئي درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته پيءُ ۽ وڏو پٽ گهر واپس اچي ويا آهن پر اڃا به هڪ پٽ گم آهي جنهن تي گهرو کاتي جي فوڪل پرسن عدالت کي ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ به جاچ آفيسر افغان بارڊر ويو آهي ۽ پي ٽي ايف جو اجلاس به ٿيڻ وارو آهي جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جيڪو ڪم جي آءِ ٽيز نه ڪري سگهيون اهو پي ٽي ايف ڪيئن ڪندي؟ جنهن تي فوڪل پرسن چيو ته پي ٽي ايف ۾ سينيئر آفيسر هوندا آهن ان لاءِ معاملو حل ٿيڻ جي اميد آهي، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور فوڪل پرسن کان پڇيو ته پي ٽي ايف ۾ ڪهڙي کاتي ۽ ڪهڙي سطح جا آفيسر هوندا آهن؟ جنهن تي فوڪل پرسن چيو ته ان جو مون کي پتو ناهي پر سينيئر آفيسر هوندا آهن، عدالت فوڪل پرسن جي جواب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پرونشل ٽاسڪ فورس جي ڇا ايس او پيز آهن ۽ اختيارن جو دائرو ڇا آهي ان بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت چيو ته فوڪل پرسن رسمي طور تي حاضر ٿي ويندا آهن، انساني معاملي سان دلچسپي ناهي، بعد ۾ عدالت ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو