102

نواز شريف هلندڙ سال واپس ايندو: ن ليگ ايم ايم اي جاويد لطيف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي ايم اين اي جاويد لطيف دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف هلندڙ سال واپس اچي رهيو آهي، نيب لاهور ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي جاويد لطيف چيو ته جن نااهل ڪيو، اهي ئي سمجهي رهيا آهن ته نواز شريف کانسواءِ ڪو به آپشن ناهي، اهي نواز شريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم چونڊجڻ ڏيندا، هن دعويٰ ڪئي ته نواز شريف هن ئي سال واپس اچي رهيو آهي، هو قوم جي قيادت ڪندو، نواز شريف پاڪستاني قوم کي عذاب ۾ ڏسي ٻاهر نٿو رهي سگهي. سندس چوڻ هو تاثر ڏنو پيو وڃي ته پ پ کي آندو پيو وڃي، بلاول عوامي ووٽن سان اچي ته ڪو اعتراض ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو