117

ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي نئين سِر جوڙجڪ جو فيصلو، مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين پاران پنهنجيون تجويزون پيش ڪيون ويون، ان حوالي سان سيد ناصر حسين شاھه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو سيڪريٽري، ايم ڊي واٽر بورڊ، اين اِي ڊي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اجلاس دوران سيڪريٽري پاران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته واٽر بورڊ کي منافعي بخش ۽ خودمختيار ادارو بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن شهرين کي مستقل بنيادن تي پيئڻ جو صاف پاڻي ملي سگھي ۽ سيوريج جو نظام به بهتر بڻائي سگھجي، ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي اداري ۾ بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، سيڪريٽري نجم شاھه ٻڌايو ته نئين سِر جوڙجڪ ۾ لاڳاپيل ماهرن ۽ آءِ ٽي شعبي سان سلهاڙيل ماڻهن کي به نمائندگي جو موقعو فراهم ڪيو وڃي، گورننگ باڊي ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کان سواءِ مڪاني ادارن ۽ ناڻي کاتي جا سيڪريٽري توڙي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ پي اينڊ ڊي جو سيڪريٽري شامل هوندا، بورڊ ميمبرن ۾ پاڻي ماهر، قانوني ماهر، تعليمي ماهر ۽ فيلڊ ايڪسپرٽ به شامل هوندا، سيڪريٽري ٻڌايو ته ڪراچي چيمبر ۽ سول سوسائٽي کي به خاص نمائندگي ڏني ويندي، جنهن تي سيد ناصر حسين شاھه چيو ته ميئر ڪراچي کي به خاص نمائندگي ڏني وڃي، اجلاس دوران سيڪريٽري ٻڌايو ته ڄاڻايل بورڊ جي جوڙجڪ جي حوالي سان حتمي منظوري سنڌ حڪومت پاران ڏني ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو