ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار ڪالهه سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ انڊسٽريل زونز جي تعمير، ترقي ۽ پاڪستان اسٽيل مل جي حوالي سان معاملن سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سنڌ جي گورنر وفاقي وزير سان ڳالهائيندي چيو ته صنعتن کي هٿي وٺرائڻ ملڪ جي اقتصادي صورتحال لاءِ حوصلي جوڳي آهي، جڏهن ته انڊسٽريل زون جي تعمير ۽ ترقي سان لاڳاپيل قدمن سان معيشت وڌيڪ مضبوط ٿيندي، گورنر وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ روزگار لاءِ افرادي قوت وارين صنعتن تائين آسان رسائي جي ڏس ۾ قدم ساراهه جوڳا آهن، ملاقات دوران وفازي وزير مخدوم خسرو بختيار سنڌ جي گورنر کي ٻڌايو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن، ان ڏس ۾ نئين ايس ايم ايس پاليسي ڪاروبار کي هٿي وٺرائيندي ان سان گڏوگڏ صنعتي عمل سان لاڳاپيل ڪاروباري برادري لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز بابت سمورا مسئلا حل ڪيا ويا آهن ۽ جلد وفاقي ڪابينه ۾ سفارشون منظوري لاءِ پيش ڪيون وينديون. وفاقي وزير ٻڌايو ته اسٽيل ملز جي حدن ۾ 1500 ايڪڙ تي انڊسٽريل پارڪ ۽ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون تعمير ڪري رهيا آهيون.
108