99

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 84 ڄڻا فوت، 4062 نوان ڪيس ظاهر، سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 976 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ۽ 16 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن

اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 84 ڄڻا فوت، 4062 نوان ڪيس ظاهر، سنڌ ۾ 16 ڄڻا فوت ٿي ويا، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 60 هزار 161 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 4062 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي، جڏهه ته وائرس سبب 84 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، مثبت ڪيسن جي شرح 6.43 سيڪڙو رڪارڊ، جڏهن ته سنڌ ۾ 976 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 976 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ۽ 16 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 871 مريض صحتياب ٿيا آهن، وڏو وزير موجب 24 ڪلاڪن دوران رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ 360 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، حيدرآباد ۾ 120، ڄامشوري ۾ 64، سانگھڙ ۾ 61، بدين ۾ 37، مٽياري ۾ 31، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ 30_30، ڪشمور ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ 25_25، گھوٽڪي ۽ ٺٽي ضلعن ۾ 21_21، لاڙڪاڻي ۾ 20، شڪارپور ۾ 19، سکر ۾ 18، نوشهروفيروز ضلعي ۾ 16، جيڪب آباد ۾ 15، ٽنڊوالهيار ۾ 11، خيرپور ۾ 8، سجاول ۾ 7، دادو ۾ 3، شهيد بينظيرآباد ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعن ۾ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي، 16 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 871 مريضن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتيابي ماڻي ورتي آهي، ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪورونا صورتحال بابت پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت 48501 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي، جن مان 47672 مريض گھرن ۾، 40 مريض آئسوليشن سينٽرن ۽ 789 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن. وڏي وزير چيو ته 709 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 54 مريض وينٽيليٽر تي پيل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو