ٽنڊوالهيار (ويب ڊيسڪ) پيارولنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير محمد رند ۾ مجيد رند پنهنجي 26 سالا نوجوان زال بشيران رند مٿان ڪوڏر جو وار ڪري اڦٽ ماري ڇڏيو، وارثن موجب مقتولا بشيران رند جي پنج سال اڳ شادي ٿي هئي، جنهن مان کيس هڪ ٻار آهي، اسان کي خبر پئي ته توهان جي ڌيءِ کي سندس مڙس ڪوڏر جا وار ڪري مبينا قتل ڪري ڇڏيو آهي، اسان واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال پهچايو آهي، هوڏانهن مقتولا جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪريون پيا، جوابدار فرار ٿي ويو، جلد گرفتار ڪري وٺنداسين.
171