116

ڪراچي ۾ سيد خورشيد شاھه جي آزادي لاءِ جيالا روڊن تي نڪري آيا، سوين ڪارڪنن جو ڌرڻو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن طرفان سينيئر سياستدان ايم اين اي سيد خورشيد شاھه جي آزادي لاءِ جياليون ۽ جيالا روڊن تي نڪري آيا، پريس ڪلب آڏو سوين ڪارڪنن جو احتجاج ، خورشيد شاھه کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو مطالبو، ان ڏس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن طرفان سينيئر سياستدان ايم اين اي سيد خورشيد شاھه جي آزادي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو پيپلز يوٿ ونگ، سپاف، منارٽي ونگ، ليبر بيورو جي ڪارڪنن سوين جيالن، شاگردن ۽ عورت اڳواڻن احتجاجي مظاھرو ڪيو، خورشيد شاھه جي ناحق گرفتاري خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، مظاھري ۾ پ پ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ وڏي وزير جو خاص معاون وقار مھدي، پ پ ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، مرزا مقبول، آصف خان، پ پ ليبر ونگ سنڌ جو صدر حبيب دين جنيدي، پ پ ليڊيز ونگ ڪراچي جي پريس سيڪريٽري مسرت نيازي، سردار خان ، امان الله محسود، وڏي وزير جو صلاحڪار لياقت آسڪاڻي، وڏي وزير جي صلاحڪار عروبا راشد رباني، ايم پي اي انٿوني نويد، سينيٽر انور لال دين، پ پ ليڊيز ونگ ڪراچي ڊويزنل صدر ايم اين اي شاھده رحماني، اڳوڻي ايم پي اي نسرين چانڊيو، غلام سڪينا ڪلر، ايڇ ايم گھانچي، نورجھان بلوچ، مسرت نيازي، لالا رحيم، چوڌري شڪيل، خليل ھوت، ظفر صديقي، مزمل گل، ناھيد طاھر، رازدا رضوان، سردار نزاڪت، قمر شيخ، پروين بٽ، ھمايون محمد خان ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا، ان موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سيد خورشيد شاھھ اڍائي سالن کان وٺي بي گناھھ قيد ڪاٽي رھيو آھي، پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن کي چونڊي چونڊي نشانو بڻايو پيو وڃي، بي گناھھ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين تي مجرماڻي خاموشي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، بيگناھھ سياسي قيدي جيلن ۾ واڙيل آھن، اھا سراسر زيادتي آھي، اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ موجوده حڪومت پھرين ڏينھن کان وٺي پيپلز پارٽي جي خلاف انتقامي ڪارروائيون شروع ڪيون آھن، ھٿ ٺوڪيا ڪيس مڙھي باندي بڻايو ٿو وڃي، مخالفن جو آواز دٻائي پنھنجي نااھلي ۽ نالائقي تي پردو وجھن جي ناڪام ڪوشش ڪئي آھي، سيد خورشيد شاھھ پنھنجي تڪ جي عوام جو چونڊيل نمائندو آھي  کيس قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي، خورشيد شاھھ جا پروڊڪشن آرڊر جاري نھ ٿا ڪيا وڃن، اڳواڻن چيو تھ پيپلز پارٽي جي قيادت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر، سينيٽر يوسف بلوچ ۽ سيد خورشيد سميت اھم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، پيپلز پارٽي ھميشھ ڪيسن کي منھن ڏنو آھي، موجوده حڪومت جون انتقامي ڪارروائيون جيالن کي جھڪائي نھ ٿيون سگھن، اڳواڻن چيو تھ ملڪ جو عوام ناھل ۽ نالائق حڪمرانن کان تنگ اچي ويو آھي، عوام سمجھي چڪو آھي تھ پيپلز پارٽي ئي اھا جماعت آھي جيڪا ملڪ کي بحرانن کان ٻاھر ڪڍي سگھي ٿي، ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي ۽ ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري کي بڻايو ويندو ، موجوده حڪومت جا ڏينھن ڳڻجي چڪا آھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو