130

مواڇ ڳوٺ ۾ دهشتگردي جي افسوسناڪ سانحي تي ڏک آهي: بئريسٽر مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته مواڇ ڳوٺ ۾ دهشتگردي جي افسوسناڪ سانحي تي اسان کي تمام گهڻو ڏک آهي، واقعي جي مڪمل جاچ جاري آهي، دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، اهڙو اظهار هن ڪالهه شير پائو ڪالوني ۾ مواڇ ڳوٺ سانحي جي شهيدن جي وارثن ۽ زخمين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب فوتين جي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ شهيدن جي وارثن کي 10 لک رپيا ۽ زخمين کي 2 لک رپين جا چيڪ پڻ ڏنا. مرتضيٰ وهاب چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مواچ ڳوٺ سانحي جي شهيدن جي وارثن ۽ زخمين لاءِ معاوضي جو اعلان ڪيو هو. هن چيو ته اڄ وڏي وزير کي هتي اچڻو هو پر سندس اسلام آباد ۾ اوچتو مصروفيت سبب هو نه اچي سگهيو. مرتضيٰ وهاب متاثر خاندانن کي چيو ته سنڌ حڪومت ڏک جي هن گهڙي ۾ اوهان کي اڪيلو نه ڇڏيندي، پارٽي قيادت جي هدايت تي زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، ٻئي طرف ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان ڪالهه پوليس جي اعليٰ عملدارن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ذوالفقار آباد آئل ٽينڪرز ٽرمينل کي فعال ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي يعقوب منهاس، ڊي آءِ جي ٽريفڪ اقبال دارا، ڊي آءِ جي ايسٽ ثاقب اسماعيل شامل هئا. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته شهر جي مختلف روڊن تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ هنڌ هنڌ پارڪ ٿيندڙ ٽينڪرز کي ذوالفقار آباد آئل ٽينڪرز ٽرمينل ۾ پارڪ ڪرايو ويندو جتي ان مقصد تحت سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ڪراچي جي ٽريفڪ جا مسئلا، ٽريفڪ قانونن جي خلاف ورزي ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو