اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عائشه ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جو معاملو 4-4 سان ٽاءِ ٿي ويو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس عائشه ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي معاملي تي غور ٿيو ۽ اهو معاملو 4-4 سان ٽاءِ ٿي ويو. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جو جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پرڏيهه هئڻ سبب اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو ۽ ان جي طرفان جسٽس عائشه ملڪ بابت ڪا راءِ به سامهون نه آئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ جج جي مقرري لاءِ هاءِ ڪورٽ جي جج جي نالي جي سفارش ڏيندو آهي، جنهن جي جڊيشل ڪميشن منظوري ڏيندي آهي، جڏهن ته جسٽس عائشه ملڪ جي نالي جي سفارش به چيف جسٽس طرفان ڪئي وئي هئي پر ٽيڪنيڪي طور تي جسٽس عائشا جو نالو سپريم ڪورٽ ۾ جج طور مقرري لاءِ رد ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ چيف جسٽس گلزار احمد، جسٽس عمر عطا بنديال، اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ قانون واري وزير جسٽس عائشه ملڪ جي نالي جي حمايت ڪئي، جڏهن ته جسٽس مقبول باقر، جسٽس سردار طارق مسعود، پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) دوست محمد مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. ذريعن موجب قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته آئين تحت اڪثريت جڏهن ڪنهن نالي جي منظوري نه ڏي ته اهو نالو اڳتي نٿو وڃي سگهي، تنهن ڪري ٽيڪنيڪي طور جسٽس عائشه ملڪ جو نالو رد ٿيو آهي، جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ ان جي نالي جي منظوري ٿئي ها ته هوءَ سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ٿيندڙ پهرين عورت جج هجي ها. ذريعن جو چوڻ آهي اٽارني جنرل اجلاس ۾ تجويز ڏني ته باقي هاءِ ڪورٽس جي عورت ججز جي به ججمينٽ ۽ رڪارڊ گهرايو وڃي ۽ ان معاملي کي ايندڙ ميٽنگ لاءِ ريفر ڪيو وڃي پر ان معاملي تي به اتفاق نه ٿيو.
