143

سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري سينيارٽي بنياد تي ڪئي وڃي: وڪيل ڪنوينشن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وڪيلن جي آل پاڪستان ڪنوينشن مطالبو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن کي سينيارٽي جي بنياد تي مقرر ڪيو وڃي، گڏيل پڌرنامو جاري ڪندي چيو ويو آهي ته عام تاثر اهو آهي ته عدليه ۾ ڪيترائي ڪيس اڻ ڌريي نموني نه پيا هلايا وڃن. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن کي سينيارٽي جي بنياد تي مقرر ڪيو وڃي، جوڊيشل ڪميشن جي قاعدن کي آئين ۽ وڪيلن جي مشاورت سان شفاف ڪيو وڃي. عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ، ججن جي مقرري ، بينچن جي قيام ۽ ڪيسن جي تقرري ۾ صوابديدي اختيار ختم ڪيا وڃن. گڏيل پڌرنامي ۾ آرٽيڪل 5 ڊي، جي ترميم جي مذمت ڪندي چيو ويو ته وڪيلن جي تحفظ وارو بل جلد پارليامينٽ مان پاس ڪرايو وڃي، حڪومت فوري طور تي ميڊيا اٿارٽي بل واپس وٺي ۽ پارليامينٽ کي گهرجي ته 17 هزار ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ وارو سپريم ڪورٽ جو فيصلو غير موثر ڪري.  ٻي پاسي سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري ۾ سينيارٽي کي نظرانداز ڪرڻ خلاف وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو. پاڪستان بار ڪائونسل، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، خيبر پختونخوا بار ڪائونسل، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سميت مختلف تنظيمن جي سڏ تي وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو، ڪالهه وڪيلن جي هڙتال سبب قيدين کي به پيشي لاءِ نه آندو ويو، جڏهن ته مختلف ڪيسن ۾ وڪيلن پاران پيش نه ٿيڻ سبب ڪيترن ئي ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ڪيون ويون. عام طور تي سپريم ڪورٽ جا وڪيل هڙتال ناهن ڪندا ۽ آخري ڀيرو افتخار چوڌري بحالي تحريڪ ۾ وڪلين سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو هو پر ڪالهه وڪلين سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي جو به بائيڪاٽ ڪيو. وڪيل احتجاج لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ گڏ ٿيا ته وڏا پوليس اٽالا موجود هئا ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب ڪورٽ جي پارڪنگ به بند ڪئي وئي. وڪيلن چيف جسٽس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ روايتي طريقيڪار تحت سينيارٽي جي بنياد تي جج مقرر ڪيا وڃن، اسان جو احتجاج پرامن آهي. هوڏانهن وڪيلن جي هڙتال سبب چيف جسٽس جي اڳيان ڪنهن به سائل جو وڪيل پيش نه ٿيو ۽ 2 ڪيسن ۾ صرف سرڪاري وڪيل پيش ٿيا ۽ ٻڌڻي ختم ٿي وئي. هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عائشه اي ملڪ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سينيارٽي لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي آهي. ٻئي طرف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي سڄي صوبي ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي ماتحت عدالتن ۾ به جزوي هڙتال ٿي، هاءِ ڪورٽ بار صدر رياض الحسن گيلاني چيو ته پاڪستان بار ڪائونسل هڙتال جو سڏ ڏنو جنهن تي ڊسٽرڪٽ ڪورٽن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ملتان بينچ ۾ وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو