اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽيءَ قومي سلامتي کي سڌي ريت متاثر ڪندڙ عملن ۽ انتهاپسنديءَ کي منهن ڏيڻ بابت اپائن تي ترت ئي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اهڙو فيصلو وزيراعظم جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. ان اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، آءِ ايس آءِ جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، قومي سلامتيءَ وارو مشير معيد يوسف، وفاقي وزير فوادچوڌري، شيخ رشيد، شاهه محمود قريشي ۽ شوڪت ترين پڻ شرڪت ڪئي . اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ پاڪستان تي پوندڙ ان جي اثرن جو جائزو ورتو ويو ۽ سيڪيورٽي ادارن جي قربانين تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي ننڍي، وچئين ۽ ڊگهي مدي جي جي هدفن ۽ ملڪ جي اندرين سورتحال جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سائبر سيڪيورٽي، جاسوسي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف تجويز ڪيل اپائن تي ترت عمل ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ان کان علاوه ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ عدالتي ۽ سول ادارن جي سڌارن جي اپائن تي پڻ ترت عمل جو فيصلو ڪيو ويو ۽ هر هدف لاءِ ڪارڪردگيءَ جا معيار ۽ ٽائم لائينز پڻ مقرر ڪيون ويون. اجلاس ۾ وفاقي گهرو ۽ اطلاعات وارين وزارتن جي نگرانيءَ هيٺ ”نيشنل ڪرائسز انفارميشن مئنيجمينٽ سيل“ پڻ قائم ڪرڻ ۽ رٿائن تي ڪم ڪندڙ چينين جي سيڪيورٽي وڌائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. اجلاس بابت جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي اندرين سلامتيءَ لاءِ جيڪي به اپاءَ ٿي سگهندا سي ڪيا ويندا، شرپسندن کي پڻ انتهائي سختيءَ سان منهن ڏنو ويندو.
106