95

نامياري اديب گل موري جو وڇوڙو…

ليکڪ: مظهرخاصخيلي

حقيقت اها آهي ته هاڻي اسان جي وچ ۾ گل موروناهي رهيو ۽ هو جسماني طور تي هميشه جي لاءِ اسان کان موڪلائي دور هليو ويو آهي پر پوءِ به هيءَ چري دل اهو نٿي مڃي ته ڪو گل مورو اسان وٽ ناهي، هن چري دل کي ڪير سمجهائي ته اهو گل مورو جيڪو هر دوست يار کي مان ڏيڻ سان گڏ هميشه سنڌ ڌرتي جي پاڻي ،ناڻي ،سنڌي ٻولي کان سواءِ هر معاملي تي ضلعي نوشهروفيروز جي سمورن سياسي پارٽين کي گڏ ڪري پاڻي جون ڪانفرنسون،  سنڌي ٻولي قومي ٻولي جون ڪانفرنسون سڏائي سموري سنڌ جي اديبن شاعرن سياسي پارٽين کي سڏي جيڪي ميلا مچائي سنڌ جو عاشق هجڻ جو ثبوت ڏيندو هو اهو گل مورو اڄ اسان ۾ ناهي رهيو پر اڄ به سنڌ جي ناليواري اديب ،حافظ محمد بخش خاصخيلي ، جا اهي لفظ منهنجي ڪنن ۾ گونجن ٿا جڏهن به ڪنهن محفل ۾ حافظ محمد بخش مونکي ،گل مورو،زاهد راڄپر،رزاق مستوئي کي گڏ ڏسندو هو ته اسٽيج تي اسان جا نالاکڻي چوندو هو هيءَ منهنجي چرين جي ٽولي آهي. اڄ ان ٽولي مان گل مورو جو ائين ڇڄي وڃڻ جيءَ کي جهوري ٿو وجهي ۽ دل چري اها ڳالهه تسليم نٿي ڪري ته ڪو واقعي گل هاڻي اسان وٽ ناهي رهيو ۽ هو ان ڏيهه ڏانهن اڏامي هليو ويو آهي. جتان وڃڻ کان پوءِ وري ڪير واپس ناهي موٽي آيو، اها سموري پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي. ان کان ڪير منهن نٿو موڙي سگهي پر جنهن سان 30 سال گڏ ڏک ،سک ۾ گهاريا هجن ۽ گڏ سفر ڪيو هجي ان کي ائين ڀلا ڪئين وساري ڇڏجي، مونکي اڄ به اها ڳالهه چڱي طرح ياد آهي. جڏهن وقت جي آمرن ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو ان وقت گل مورو ،زاهد راڄپر ،رزاق مستوئي ۽ مون گڏجي نوشهروفيروز جي ضلعي ڪائونسل هال  ۾ پاڻي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، ان پاڻي ڪانفرنس ۾ سموري سنڌ اندر سياست ڪندڙ پارٽين جا اڳواڻ ۽ ناليوارا اديب شامل ٿيا هئا پر هن ڪانفرنس ۾ خاص شرڪت هاري تحريڪ جي اهم اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتو ۽ ناليواري اديب علي بابا  جي هئي ان  پاڻي ڪانفرنس کان پوءِ اسان 5 دوست گل مورو جي ڳوٺ راهب مورو ۾ ويا هئاسين ۽ اها رات سڄي اسان کلندي کلندي جاڳي گذاري هئي، جنهن جي لاءِ سنڌ جي ناليواري اديب علي بابا ان وقت چيو هو ته مان پنهنجي زندگي ۾ ايترو ناهيان کليو جيترو اڄ هتي گل مورو جي ڳوٺ ۾ اوهان 5 دوستن جي ڪچهري کان پوءِ کليو آهيان ۽ اهو سمورو احوال علي بابا ۽ ڪامريڊ سهتي پنهنجن ڪتابن ۾ به لکيو آهي.هيءَ ته هئي هڪ رات کي ڳالهه پر جنهن گل مورو سان 30 سال گڏ سفر ڪري گڏ راتيون رهي جيترو مون جا وري ٻين دوستن کليو هوندو اهي سمورا واقعا جا وري ڳالهيو ن جيڪڏهن هتي لکبيون ته سوين پيج ڀرجي ويندا ڇو ته سچ اهو آهي. ته گل مورو واقعي مست قلندر ماڻهو هو اهڙو مست قلندر ماڻهو جنهن کي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين سان پنهنجي جيءَ جان کان وڌيڪ پيار هوندو هو هر وقت سنڌ جي آجپي لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو هو، پنهنجي سموري ڄمار گل مورو سنڌ ڌرتي سان عشق ۾ گذاري ڇڏي هن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان به پنهنجو پاڻ ملهايو هن سنڌي ادب کي 2 ڪتاب هڪڙو شهيد بشير قريشي جي شهادت کان پوءِ منصور جو آواز ۽ ٻيو پنهنجي پياري دوست استاد علي نواز تڳر تي تاثراتي ناز نسورو نيهن لکيا ۽ ساهتي پرڳڻي جي سمورين ادبي سياسي سماجي شخصيتن تي هڪ هزار کان مٿي مقالا لکيا ۽ اهو ڪتاب جنهن جو نالو ساهتي جا سپوت هن چونڊيو هو جيڪو اڃان ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي.ان کان سواءِ هن پنهنجي سموري عمر ادب دوستي ۾ گزاري ڇڏي نوشهروفيروزپريس ڪلب ۾ سنڌ جي سمورن اديبن کي سڏي انهن سان رهاڻون ڪتابن جون مهورتون ڪرڻ وارو سلسلو به گل مورو ۽ اسان دوست گڏجي شروع ڪيو ۽ ڪيترن رسالن هفتيوار اخبارن ۾ به گڏجي ڪم ڪيو، اڄ ان جي وڇوڙي کي دل ان ڪري نٿي مڃي جو گل مورو سان ڪيل ڪچهريون ،ڀوڳ، محبت ،رسڻ ،پرچڻ وارا واقعا ايترا دفعا ٿيندا هئا جو جيسين جسم ۾ ساهه آهي گل مورو وسري نه سگهندو. اڄ نامياري اديب، شاعر، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ پريس ڪلب نوشهروفيروز جي اڳوڻي صدر گل مورو کي نوپور ڀرسان پنهنجي اباڻي قبرستان قاضي گل محمد ۾ سندس آخري آرامگاهه تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ان کان اڳ سندس جنازي نماز ڳوٺ راهب مورو ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، تاج جويو، زاهد راڄپر، آزاد انور ڪانڌڙو، اصغر ڀريائي ڀٽي، پنهل ساريو، مظهرخاصخيلي، اسد سولنگي، سڪندر علي خشڪ، نور احمد سولنگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جنهن بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو