110

ايندڙ اليڪشن ۽ سنڌ ۾ وڌيل سياسي سرگرميون…

ليکڪ: ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

وزيراعظم عمران خان ايندڙ اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت جا ٻين اتحادين سان ميل جول ڪري ڏسڻ جا خواب ته ڏسي رهيو آهي ۽ هن ارباب غلام رحيم کي انهيءَ لاءِ سنڌ مان شايد واحد پنهنجو معاون به ٺاهيو آهي ته هو سنڌ جي عوام ڏانهن سندس پيغام کڻي وڃي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ سندن پارٽيءَ کي سوڀارو ڪرائي. خير خواب ته سڀ ڪو ڏسي سگهي ٿو، رڳو پي ٽي آءِ ڇو؟ پاڪستان پيپلز پارٽي، جيڪا گذريل ٽن اليڪشنز ۾ سوڀاري ٿي چوٿون ڀيرو به پاڻ کي ’نه لهر نه لوڏو‘ سمجهي ٿي، سا ايندڙ اليڪشن کٽڻ لاءِ پُراعتماد آهي پر اِها خبر تڏهن پوندي، جڏهن چونڊ ويجهو ايندي، ڇو ته مسلسل ٽيون ڀيرو پ پ جي اقتدار جي باوجود صوبي اندر لکين بيروزگار نوجوان هجن، بک ۽ بدحاليءَ کانپوءِ پيش ايندڙ واقعا هجن يا قبائلي خونريزي، جيئن تازو ڪنڌڪوٽ ۾ چاچڙ- سبزوئي جهيڙي ۾ 12 گهر اُجاڙيا ويا، تن مقتولن جي وارثن سان انصاف ته پنهنجي جاءِ تي پر انهن جي دلي آٿت ڪنهن ۽ ڪهڙي پارٽي ڪئي، اُهي منظر ۽ گڏوگڏ سڄي سنڌ جا اُهي اِشوز جيڪي سنڌ دشمن منصوبن سان لاڳاپيل هجن، انهن تي پ پ هجي يا پي ٽي آءِ، ڪنهن ڪيترو پنهنجو فرض نڀايو، انهن تڪليفن کي يقينن اڄ سنڌ جو هر باشعور ماڻهو سمجهي ٿو. سنڌ جي ماڻهن سان ڪهڙيون ويساهه گهاتيون ڪيون ويون، اڄ سوڌو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن تي لڳل ڌاڙن تي ڪهڙي سياسي پارٽيءَ چپ چوريا يا ڪنهن ڏند کٽا ڪري دِل آزاري ڪئي؟ سي عمل صاف ۽ چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. آئون معذرت سان پڇڻ ٿو چاهيان ته توهان تازو صوبائي ڪابينا ۾ جيڪي صلاحڪار ۽ معاون رکيا ۽ وزارتن ۾ جيڪا ڦير ڦار ڪئي، ان ۾ ڪيتريون عورتون شامل آهن، يا ڪنهن ضلعي مان ڪهڙي پڙهيل لکيل نوجوان کي ياد ڪيو ويو، ڇا ڪراچي لاءِ ڪو سنڌي ايڊمنسٽريٽر نه هو؟ مرتضيٰ وهاب ته هونئن ئي اوهان جي صوبائي حڪومت جو ترجمان رهيو آهي. اوهان گهوٽڪي مان سردار محمد بخش خان مهر جي ڀاءُ بنگل خان مهر کي يا وري جيڪب آباد مان اعجاز علي جکراڻيءَ کي جيلن بابت صوبائي صلاحڪار بڻايو ويو. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڄ تائين سنڌ جو ماڻهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏوهٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي موڀي پُٽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو سان ڪيترو پيار ڪري ٿو، اُن جي عڪاسي ته ان وقت ئي ٿي هُئي جڏهن گهوٽڪي واري جلسي ۾ هڪ نياڻي کيس اجرڪ اوڍائڻ لاءِ بيتاب هُئي ۽ پ پ ڪارڪنن جڏهن ان نياڻيءَ کي اجرڪ اوڍائڻ کان روڪيو، شايد پ پ جي لوڪل قيادت توڙي جو گهوٽڪيءَ مان چونڊيل وزيرن مشيرن اِهو سوچيو هوندو ته ڪٿي هيءَ نياڻي اسان جي ڪيل خدمتن جا پول ئي نه پڌرا ڪري، ڇو ته انهي اسٽيج تي ويٺل پ پ چيئرمين کي اڳ ئي ميان عبدالرحيم ڀارو ڪجهه شڪايتون ڪيون هيون ۽ پ پ چيئرمين پاران وزيراعليٰ سنڌ مٿان رواجي ناراضگي به ڏيکاري، پ پ چيئرمين ته انهي نياڻيءَ جي ڪيل محبت جو اظهار يقينن ڏٺو ۽ پاڻ ثابت به ڪيو ته اڄ سوڌو انهيءَ گهوٽڪي ضلعي جي عورتن ۽ نياڻين کي اهڙي ڇوٽ هرگز ڪونه ملي آهي، جيئن انهيءَ گهوٽڪي واسڻ پنهنجي دل جو اظهار اجرڪ اوڍائڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ وٽ پهتي هئي. هي سڀ منظر سوال ڪن ٿا ته سنڌ ڪابينا ۾ رڳو انهن ماڻهن جو حق ناهي، جن جا ڀائر ۽ پيئر اڳ ۾ ئي ڪابينا جو حصو آهن، وزيراعظم به ڪيترائي معاون مقرر ڪري پر سنڌ جي ماڻهن کان جيڪي حق کسيا ويا، سي به خاص طور هن وفاقي حڪومت دوران، منهنجي خيال مطابق اهڙي ناانصافي شايد جنرل ضياءُ جي دور يا وري آمر مشرف واري دور ۾ به نه ٿي هُئي. تاريخ ۾ ڪڏهن به سنڌ اندر پاڻيءَ جي ايتري کوٽ پيدا ڪونه ڪئي وئي، وفاقي کاتن اندر سنڌي ماڻهن سان ٻه اکيائي ايتري ڪڏهن به ڪونه ٿي، ملڪي تاريخ ۾ سنڌ جي ٻيٽن، سنڌ جي زمينن تي قبضن جا منصوبا ڪڏهن ڪونه جُڙيا هُئا. اهڙن عملن کان سواءِ هن وفاقي حڪومت ايتري تائين جو سپريم ڪورٽ اندر سڄي ملڪ مان هڪ سنڌي جج کي مقرر ڪرڻ به برداشت نه ڪيو، جو چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جيڪو لاڙڪاڻي سان تعلق رکي ٿو، ان کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ٿيڻ لاءِ رڪاوٽون وڌيون ويون. وفاقي ڪابينا پاران انهي سنڌي جج سان ٻه-اکيائي ڪري سنڌي ماڻهن توڙي جو سنڌ جي وڪيلن کي روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. ڇا هي سنڌ جي ماڻهن سان ڪيل هيڏا هاڃا ايترو آساني سان وسري سگهن ٿا ۽ خبر ناهي ته موجوده وزيراعظم هن ديس ڌڻين سان ايتريون ناانصافيون ڪرڻ کانپوءِ به پنهنجو معاون اُهو مقرر ڪيو آهي. شايد 12 مئي جو واقعو هجي يا ڪراچيءَ جي هلندڙ اُها رَت واري رات هجي، جنهن ۾ مهذب وڪيلن کي زندهه ساڙي ماريو ويو هو، ايتري تائين جو انهيءَ دور ۾ ته ڪراچي جي يونيورسٽيءَ کان وٺي اسڪولن تائين سنڌي ماڻهن جي اولاد کي داخلا به نه ڏني ويندي هئي، تڏهن سنڌ جو وزيراعليٰ به اهو ئي هو جيڪو اڄ وزيراعظم پاڪستان جو معاون بڻجي سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجو ڪرڻ جا خواب پيو ڏيکاري.  ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو، ان لاءِ خود سنڌ حڪومت کي به پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺڻ گهرجي، سنڌ جون اسپتالون، اسڪول، روڊ، رستا، ناليون، ناجائز گهر ڊاهڻ سميت اڄ جيڪا بدترين بيروزگاري ڪئي وئي، تنهن کي ڪهڙو نانءُ ڏئي سگهجي ٿو. اڄ سنڌ اندر ايتري ته غربت آهي جو هڪ ماءُ پنهنجي اولاد سميت خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿيو وڃي. روزانو اوهان کي ڪيتريون ئي نوجوانن جي خودڪشين جون خبرون پڙهڻ لاءِ ملنديون. قبائلي جهيڙن جو ڪهڙو تذڪرو ڪجي، يعني سڄي صورتحال سنڌ جي تمام جديد ۽ جائز سهولتن ۽ مراعتن کان وٺي سنڌ جي امن امان تائين ايتري ڏکائتي هجڻ کانپوءِ به اڄ سوڌو پاڪستان پيپلز پارٽي پُراميد آهي ته اسان خلاف ڪيترا به اتحاد ٺهن، ايندڙ اليڪشن ۾ چوٿون ڀيرو به اسين سنڌ حڪومت ٺاهينداسين. ڏسجي ته وقت جو اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي. (پورو ٿيو)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو