ليکڪ: عبدالسيد
افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل تي قبضي جي 23 ڏينهن کانپوءِ افغان طالبان جي ترجمان وزيراعظم ۽ ان جي 2 معاونن سميت طالبان جي 34 رڪني عبوري ڪابينا ۽ حڪومت جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ 20 هزار ۽ 7 نائب وزير شامل آهن، ان کانسواءِ فوج ۽ افغان جي مرڪزي بئنڪ جي سربراهه سميت حڪومت جي انتظامي معاملن جو ڊائريڪٽر به مقرر ڪيو ويو آهي، انهن 34 عهدن ۾ ٽن فردن کانسواءِ سمورا پشتون نسل مرد افغان آهن ۽ ڪابينا ۾ ڪنهن به عورت کي شامل ناهي ڪيو ويو، انٽرنيشنل ڪرائسز گروپ جي افغانستان شاخ سان لاڳاپيل افغان تجزيي نگار ابراهيم باحث مطابق طالبان جي ان نئين حڪومت ۽ ڪابينا ۾ 15 ماڻهن جو ڏکڻ افغانستان سان، 10 جو ڏکڻ اوڀر، 5 جو اوڀر ۽ ٽن جو اتر افغانستان سان تعلق آهي، ياد رهي ته ڏکڻ افغانسان کي گريٽر قنڌار ريجن به چيو وڃي ٿو، جتان طالبان 90ع جي ڏهاڪي ۾ جنم ورتو، جڏهن ته ڏکڻ اوڀر افغانستان گريٽر پڪتيا ريجن چورائي ٿو، جتان نائن اليون جي طالبان ملوي جلال الدين حقاني ۽ مولوي سيف الله منصور گروپن آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوج جي خلاف جنگي محاذ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ملا حسن اخوند طالبان جو نئون وزيراعظم، جڏهن ته ملا عبدالغني برادر ۽ مولوي عبدالسلام حنفي نائب وزيراعظم مقرر ڪيا ويا آهن، ملا حسن شروع کان ئي طالبان تحريڪ جو اهم ميمبر ۽ ان جي باني ملا محمد عمر جو ويجهو ساٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪري ان کي طالبان جي حلقن ۾ انتهائي احترام حاصل آهي، ملا حسن 90ع جي ڏهاڪي ۾ طالبان جي وزيراعظم ملا محمد ربانيءَ جو نائب وزيراعظم به رهيو آهي، 2001ع جي شروع ۾ رباني جي وفات تي هو ان جو جانشين بڻيو ان کانسواءِ ملا حسن طالبان جي ان 10 رڪني سربراهي ڪائونسل ۾ به شامل هو، جنهن کي ملا عمر مئي 2002ع ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوج خلاف مزاحمت جو آغاز ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو. پوءِ جي سالن ۾ ملا حسن طالبان جي ان سربراهي ڪائونسل جو امير به رهيو، جيڪو طالبان جو سڀ کان وڏو فيصلا ساز ادارو آهي ۽ طالبان جي امير المومنين تحت ڪم ڪري ٿو ۽ ائين گهٽ ئي ٿيو آهي ته طالبان سربراهه ان سربراهي ڪائونسل جي ڪنهن فيصلي کي رد ڪيو هجي، افغانستان جي نئين مقرر ڪيل نائب وزيراعظم مولوي عبدالسلام حنفي جو تعلق افغانستان جي ازبڪ قوم سان آهي هو طالبان جي سياسي آفيس جو ميمبر آهي. نائب وزيراعظم ملا برادر جو به طالبان تحريڪ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي، نائن اليون ۾ پنهنجي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ملا عمر کيس پنهنجو نائب ۽ طالبان سربراهي ڪائونسل جو سربراهه مقرر ڪيو هو جيڪو ان عهدي تي سال 2009ع تائين پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ادارن جي گرفتاري تائين مقرر رهيو، 2018ع ۾ آزاديءَ کانپوءِ ملا برادر کي طالبان جي موجوده سربراهه شيخ هيبت الله اخونزده جو نائب ۽ طالبان جي سياسي ڪميشن ۽ قطر ۾ واقع ان تنظيم جي سياسي آفيس جو سربراهه مقرر ڪيو ويو، اهڙي طرح ملا برادر جو نائن اليون کانپوءِ طالبان جي عسڪري محاذ جي شروعات ۽ آزادي بعد آمريڪا سان طالبان جي ڳالهين ۾ اهم ڪردار رهيو آهي جيڪو آمريڪا سان طالبان جي ڪامياب امن ٺاهه تي ختم ٿيو ۽ ٻن ڏهاڪن جي ويڙهه بعد آمريڪا ۽ اتحادي فوج جي نيڪالي ۽ طالبان جي افغانستان تي ٻيهر اقتدار جو سبب بڻيو، ملا حسن کان اڳ سڀ کان پهريان ملا برادر جو نالو طالبان وزيراعظم طور اڀري رهيو هو پر شايد اندروني سببن جي ڪري ملا حسن کي ان عهدي لاءِ ملا برادر تي اهميت ڏني وئي. هن نئين ڪابينا جي هڪ اهم خاصيت اها آهي ته ان ۾ طالبان جي 2 اهم خاندانن مان 2-2 وزير مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ملا عمر جو پٽ مولوي يعقوب عمري دفاع وارو وزير ۽ سندس ويڳو ڀاءُ ملا عبدالمنان عمري عام فائدن جو وزير آهي، مولوي يعقوب 2016ع ۾ شيخ هيبت الله جي طالبان سربراهه چونڊڻ کانپوءِ ان جو نائب ۽ طالبان ملٽري ڪميشن جو سربراهه آهي، جنهن کي طالبان جي سربراهي شيڊو وزارت دفاع به چيو وڃي ٿو. ملا عمر جي گهراڻي کانسواءِ سينيئر ليڊر مولوي جلال الدين حقاني جو پٽ سراج الدين حقاني عرف خليفو گهرو وزير ۽ سندس ڀاءُ خليل حقاني مهاجرن بابت وزير مقرر ڪيو ويو آهي، سراج الدين به ملا يعقوب وانگر طالبان جو نائب سربراهه آهي. سراج ۽ خليل ٻئي آمريڪا جي گهربل فردن واري لسٽ ۾ موجود آهن ۽ انهن تي آمريڪا ترتيبوار 10 ۽ 5 ملين آمريڪي ڊالر انعام به رکيو آهي، انهن ٻنهي کانسواءِ حقاني گروپ جا 3 ويجها فرد هن ڪابينا ۾ شامل ڪيا ويا آهن. نائن اليون کانپوءِ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوج جي خلاف طالبان مزاحمت جي شروعات ۾ حقاني گهراڻي جو اهم ڪردار رهيو آهي، ملا عمر جو اڳوڻو ديرينا سيڪريٽري ملا عبدالحئي مطمئن طالبان تحريڪ تي لکيل پنهنجي ڪتاب ۾ حقاني خاندان بابت لکي ٿو ته جلال الدين حقاني جي پٽن نائن اليون کانپوءِ تقريبن اڌ افغانستان ۾ طالبان جو جنگي محاذ قائم ڪيو، جنهن ۾ ان گهراڻي جي ٻارن ۽ عورتن سميت ڪيترائي فرد آمريڪي ڊرون حملن ۾ ماريا ويا، جنهن جي ڪري طالبان اندر انهن کي وڏي مقبوليت حاصل آهي. جلال الدين حقاني جو سڀ کان ننڍو پٽ انس حقاني طالبان جي سياسي آفيس جو اهم ميمبر آهي، پر کيس هن عبوري ڪابينا ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، انس انتهائي ننڍڙي عمر ۾ تقريبن 5 سال آمريڪي ۽ افغان ادارن جي قيد ۾ گذاريا، قيد ۽ آزادي کانپوءِ سياسي ڪردار جي ڪري انس کي طالبان حلقن ۾ وڏي مقبوليت حاصل آهي. متقي به انهن 10 شخصن مان هو جن کي ملا عمر نائن اليون کانپوءِ طالبان جي پهرين سربراهي ڪانفرنس ۾ شامل ڪيو هو، هو 90ع جي ڏهاڪي ۾ طالبان جو اطلاعات ۽ ڪلچر وارو وزير به رهيو ۽ نائن اليون کانپوءِ طالبان جي ان ڪميشن جو سالن تائين سربراهه به، کيس دعوت ۽ ارشاد ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪيو ويو ۽ ان جي جاءِ تي طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد کي اطلاعات ۽ ڪلچر ڪميشن جو سربراهه چونڊيو ويو، متقي نئين ذميواري ۾ هڪ اهم ڪم طالبان مخالفن کي دعوت ۽ بنا جنگ جي طالبان جو حامي بڻائڻو هو. طالبان جو اڪثريتي صوبن ۽ ضلعن تي بنا جنگ جي قبضا ۽ هزارين اڳوڻي افغان حڪومت جي سيڪيورٽي فورسز کي ان کي تسليم ڪرڻ جو اصلي سبب متقي جي تجويز ڪيل ان پاليسي کي ڄاڻايو وڃي ٿو. متقي سان شير محمد عباس ستنڪزئي کي نائب پرڏيهي وزير چونڊيو ويو آهي، ستنڪزئي کي طالبان جي پرڏيهي معاملن ۾ اهم ڪردار جي ڪري عالمي سطح تي ڄاتو وڃي ٿو ۽ طالبان جي اندروني حقلن ۾ به کيس گهڻي مقبوليت حاصل آهي. ستنڪزئي طالبان تحريڪ جي شروعات کان ان جي پرڏيهي معاملن جو اهم حصو رهيو آهي ۽ ان وقت کان پرڏيهي ملڪن جي اهم سياسي دورن جو به ميمبر رهيو آهي، ان کانسواءِ نائن اليون کان پوءِ طالبان جي سياسي آفيس، آمريڪا افغان حڪومت جي ڳالهين واري ٽيم جو سربراهه به رهيو آهي، هو ملا برادر کان اڳ طالبان سياسي ڪميشن ۽ دوحا جي سياسي آفيس جو سربراهه به رهيو آهي. متقي کانسواءِ ستنڪزئي ۽ ملا برادر کي پرڏيهي وزارت جي اهم اميدوارن ۾ ڳڻيو پئي ويو پر ان وزارت جو ڪڻو متقي جي نالي جو نڪتو. طالبان حڪمت جي نئين ڪابينا ۾ طالبان جي 5 سينيئر ڪمانڊرن مان انهن 4 ڪمانڊرن کي به شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي 2014ع ۾ آمريڪا جي گوانتنامو جزيري ۾ واقع قيد خاني مان ڪيترن ئي سالن جي قيد کانپوءِ طالبان جي حراست هيٺ هڪ آمريڪي فوجي جي آزادي جي بدلي ۾ آزاد ڪيا ويا هئا. انهن 5 ڪمانڊرن ۾ ملا فاضل آخوند، ملا عبدالحق واثيق، ملا نور الله نوري، ملا خير خواهه ۽ مولوي محمد نبي عمري شامل هئا، ملا واثيق کي انٽيليجنس چيف، ملا خير خواهه کي اطلاعات ۽ ڪلچر وارو وزير، ملا نور الله سرحدن ۽ قبيلن بابت وزير ۽ ملا فاضل کي نائب دفاع وارو وزير مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مولوي عمري کي خوست جو گورنر رکيو ويو آهي. ياد رهي ته نائن اليون کان اڳ ملا واثيق طالبان حڪومت جي انٽيليجنس چيف قادري احمد الله جو ساڄو هٿ هو ۽ استخبارات جو نائب وزير هو، قادري احمد الله افغانستان تي آمريڪي حملي جي شروعات ۾ ماريو ويو هو، ملا فاضل نائن اليون کان پوءِ به طالبان جو نائب وزير دفاع ۽ فوج جو سربراهه هو پر کيس هاڻ فقط هڪ عهدو ڏنو ويو آهي، ملا خير خواهه به ماضي ۾ طالبان حڪومت ۾ گهرو وزارت سميت ڪيترن ئي اهم عهدن تي مقرر رهيو، ملا نوري ماضي ۾ طالبان حڪومت جي ٻين عهدن سان گڏگڏ بلخ صوبي جو گورنر ۽ اتر زون جو سربراهه پڻ رهيو، طالبان حڪومت ۾ سڀ کان دلچسپ مقرري فوج جي سربراهه جي آهي، جنهن لاءِ بدخشان صوبي سان تعلق رکندڙ تاجڪ نسل طالبان اهم ڪمانڊر قاري فصيح الدين کي چونڊيو ويو آهي، طالبان لاءِ گذريل سالن ۾ فوجي فتحن کي ڏسندي ان عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته بدخشان انهن ٻن صوبن مان هڪ هو، جيڪي 90ع جي ڏهاڪي احمد شاهه مسعود جي قيادت هيٺ شمالي اتحاد جو ڳڙهه رهيا ۽ طالبان آخر تائين انهن کي پنهنجي مڪمل قبضي ۾ نه آڻي سگهيو هو.نائين اليون کانپوءِ آخري سالن ۾ هتان قادري فصيح الدين ۽ ٻيا تاجڪ طالبان جي صفن ۾ شامل ٿي ويا، جنهن جي ڪري طالبان کي مقامي آبادي ۾ فائدو مليو، اهو ئي سبب هو جو قاري فصيح الدين اتر ۾ طالبان لاءِ ازبڪ ۽ تاجڪ ويڙهاڪن جي هڪ اهڙي کيپ تيار ڪئي جنهن جي ڪري حيران ڪندڙ طور تي افغانستان جو اتر طالبان جو ڳڙهه بڻجي ويو. اهو قاري فصيح الدين ئي هو، جنهن اتر طالبان ويڙهاڪن جي ڪمان دان اعليٰ جو عهدو ماڻيو ۽ سندس سربراهي ۾ طالبان افغانستان ۾ اترين صوبن کي فتح ڪيو، جڏهن ته اهو سمجهيو وڃي ٿو ته شايد ماضي وانگر هن ڀيري به طالبان کي هتي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو. هن سال جي شروعاتي مهينن ۾ قاري فصيح الدين کي ملا يعقوب جي تحت طالبان ملٽري ڪميشن جو اتر افغانستان ۾ نائب سربراهه مقرر ڪيو ويو هو، قاري فصيح الدين کانسواءِ 2 ٻيا غير پشتون به حڪومت جو حصو بڻايا ويا آهن، جن ۾ نائب وزيراعظم مولوي عبدالسلام حنفي ۽ اقتصادي وزير قادري دين محمد حنيف شامل آهن. 34 رڪني ڪابينا ۽ اهم مقررين ۾ رڳو 3 غير پشتون فردن جو هجڻ طالبان جي انهن دعوائن ۽ افغان سياسي حلقن طرفان آمريڪي خاطرين جي نفي ڪري ٿو، جنهن ۾ هر ڀيري اهو چيو ويو ته طالبان حڪومت ۾ سمورن افغان قومن جي نمائندگي شامل هوندي.