ليکڪ: حاڪم نصيراڻي
هر انسان ۾ الله تعاليٰ ڪا نه ڪا اهڙي خوبي رکي آھي جنهن جو اعتراف سندس ڪٽر دشمن به وڏي واڪي محفلن ۾ ويهي ڪندا آھن، ڪڏهن ڪڏهن ماڻھو جي اها خوبي سندس شھرت ۽ ڪڏهن وري رسوائي جو سبب به ٿيندي آھي، ڪن ماڻھن جو ذڪر ڪندي اکيون نم ٿي وينديون آھن ته ڪن جي ذڪر تي ٿڌا شوڪارا به نڪرندا آھن، ڪن جي دل مان هئي هئي جي صدا جو ٻڙڌڪ به مچي ويندو آھي، ڪڏهن ڪنهن جي نالي وٺڻ سان بيزاري جو اظھار ڪبو آھي ته ڪڏهن ڪنهن جو ذڪر اندر ٺاري ڇڏي ٿو، موضوع کي طول وٺرائڻ کان بهتر آھي مان اوهان کي پنهنجي اصل ڳالھه طرف وٺي اچان، اتفاق ۽ اختلاف جو هر ڪنهن کي پورو حق آھي، اوهان پنهنجو اندر ٺاريو يا ٿڌا شوڪارا ڀريو پر مان ان شخصيت جو ذڪر ضرور ڪندس جيڪو هن وقت پاڪستان جي سياسي ميدان جو هڪ بهترين رانديگر تصور ڪيو وڃي ٿو، ضياءُ الحق جهڙي ڊڪٽيٽر سان جهڙيندڙ ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي جانشين نصرت ڀٽو سان جواني جي عروج واري ڏينهن ۾ در در جون ٺوڪرون کائيندڙ پورب ڄائي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان زندگي جي بهترين رشتي ۾ ڳنڍجندڙ انسان آصف علي زرداري جي سياسي بصيرت تي ڀل ڪيتريون ئي آڱريون کڄن پر سندس قربانين، سياسي فڪر ۽ سياسي قدڪاٺ کان مخالف به انڪار نه ٿا ڪري سگهن، سياست ۾ کيس مفاهمت جو بادشاهه سڏيو وڃي ٿو، سياست ۾ هميشه ماڻھو جي قربانين کي اهميت ڏني ويندي آھي، خاص طور جيل جون سختيون برداشت ڪرڻ، جسماني تشدد سهڻ، بغير حاضرين جي بيرڪن ۾ بند رهڻ وارن کي سياسي طور ضمير جو قيدي تصور ڪري عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، ڏٺو وڃي ته آصف علي زرداري سياست جي مڪتب جا اهي سڀ امتحان خوش اصلوبي سان پاس ڪيا، جيل جون سختيون به سٺيون، پوليس جون مارون به برداشت ڪيون. شخصي تذليل جون تڪليفون ڏٺيون، ان باوجود پنهنجي انهن سڀني مخالفن کي وري معافي وٺڻ تي مجبور به ڪيو، انهن کان پنهنجي آفيس جا در به کولرايا سلوٽ به ڪرايا، تنهن هوندي به هڪ مخصوص طبقو سندس سياسي نظريي جو ڪٽر مخالف آھي (مخالفت ڪرڻ هر ڪنهن جو جمهوري حق آھي)۔ محترمه بينظير جي شھادت وقت جتي سڄي سنڌ ٻري اٿي اتي سنڌين خاص طور پ پ وارن جي دل ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سان ڀريل هئي، جنهن جو اظھار انهن نه کپي نه کپي جا نعره هڻي ڪيو، پر ان وقت کپي پاڪستان کپي جو جوابي نعرو هڻي آصف زرداري پنهنجي سياسي بصيرت کي ظاهر ڪيو ته ڀل ڪيڏا به گهاءَ سيني ۾ سانڍيل ڇو نه هجن پر ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالھه نه ڪجي، حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ان وقت پوري سنڌ جتي باهھ جي شعلن سان ٻري پئي هئي اتي ماڻھن جي دلين ۾ به ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو لاوو اٻري رهيو هو، ان وقت آصف زرداري چاهي ها ته پرويز مشرف جهڙي طاقتور آمر کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ لاءِ ان نعري جي حمايت ڪري ڇڏي ها، پر هن فرد جي دشمني کان وڌيڪ رياست جي بقا جي ڳالهھ ڪري پنهنجو سياسي طور ڳاٽ اوچو ڪيو، (ق) ليگ جهڙي جماعت جي ماڻھن کي پنهنجي در آڏو جهڪائي ڊپٽي وزيراعظم جهڙو اڻ سڃاتل عهدو سندن نالي ڪري پنهنجو سياسي مريد بڻائي ڇڏيو، ايم ڪيو ايم جهڙي بليڪ ميلر پارٽي سان پريت جا پيچ پائي وقت کي ڌڪو ڏنو، افتخار چوڌري جتي سندس حڪومت جي هر فيصلي تي پنهنجي ٽنگ اڙائي کيس پريشان ڪندو رهيو، يوسف رضا گيلاني جي نااهلي جو داغ کڻي ميمو گيٽ اسڪينڊل جهڙي بند گيٽ واري مسئلي کي منهن ڏنو، هي ته ماضي جا قصا هئا پر هن وقت واري سياسي لهر کي ڏسجي ته پ پ ملڪ کي هڪ وڏي بحران کان بچائي ورتو آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن پاران اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻ وارو مطالبو زور و شور سان جاري هو ان مطالبي جي ها ۾ ها نه ملائي جتي پ پ پاڻ مٿان ڪيتريون آڱريون کڻايون، مختلف طريقن سان ٺٺول ڪرائي اتي سياسي بساط تي پنهنجا ساٿي به بچائي ورتا ۽ هڪ موقعي تي مخالف بادشاهه کي پنهنجي سياسي پيادي هٿان اسلام آباد واري سينيٽ واري سيٽ تي ڪاميابي جي صورت ۾ شهھ به ڏني، سياست ۾ ملڪي مفادن سان گڏوگڏ پارٽي، شخصي ۽ ڪارڪنن جي مفادن کي نظر ۾ رکبو آھي، سڀني جي فائدي کي ڏسي ننڍا وڏا فيصلا ڪبا آھن، سنڌ ۾ وفاقي سرڪار جو نه صرف گورنر ويٺو آھي پر اتي ايم ڪيو ايم جهڙي طاقتور مخالف پارٽي به موجود آھي، اهڙي صورت ۾ اسيمبلين مان نڪرڻ ۽ سنڌ سرڪار جي قرباني ڏيڻ پ پ لاءِ ڄڻ سياسي خودڪشي ثابت ٿئي ها، جڏهن ته اسان سڀني کي خبر آھي ته غير جمهوري قوتون هميشه موقعي جي تلاش ۾ هونديون آھن، صرف هڪ موقعو ملي سياسي بساط ويڙهي ڪا نئين ٽل کيڏي وڃي ۽ جمهوري راند پل ۾ ختم ٿي وڃي، گهڻي وقت کان وٺي ملڪ ۾ قومي حڪومت جو راڳ آلاپجي پيو، رٽائرڊ جنرلز، ججز، جنرلسٽس ۽ بيوروڪريٽس وارو فارمولو به گردش ڪندو رهيو آھي پر موقعو نه ملڻ ڪري سگهارين ڌرين جو اهو خواب ساڀيان نه پيو ٿئي، اهڙين حالتن ۾ آصف زرداي هڪ تمام وڏي ڳالهھ ڪئي هئي ته جيڪڏهن اسيمبلين مان ٻاهر ئي اچڻو آھي ته نواز شريف وطن واپس اچي پوءِ جيڪو ٿيو سو ڏٺو ويندو، جئين چوندا آھن جيل ۾ به گڏ ته ريل ۾ به گڏ، گيھه به يارن سان ته وھه (زهر) به يارن سان، پر نواز شريف ۽ سندن پارٽي استعيفائن ۽ جهيڙي واري راڳ کي ترجيح ڏيندي رهي، ان جي بدلي پ پ پنهنجي پڪي ماني بچائي ايندڙ ديڳ لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھي، هاڻي ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي؟ آصف علي زرداري وقت سان پنهنجا پتا ظاهر ڪندو ويندو آھي، هڪ موقعي تي ڊوميسائيل جو ذڪر به ڇيڙي ميڊيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هئائين ۽ گهڻن کي سوچڻ تي به مجبور ڪيو هئائين ته ڇا واقعي ڊوميسائيل جي ايتري اهميت آھي؟ پنجاب جي چوڌرين سان ملاقات ڪرڻ، جهانگير ترين ڏانهن نياپا موڪلڻ جهڙي راند هلندي رهي ٿي، آصف علي زرداري پاران جيڪو به پتو ظاهر ٿيندو ان تي سڄاڻ ڌريون تبصرا ضرور ڪنديون آهن، هن وقت بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي سياسي ميدان ۾ پنهنجي موجودگي ظاهر ڪيو بيٺو آھي، ڏسجي ته آصف علي زرداري ڇا ڪري ٿو، بس وقت جو انتظار آھي.