ليکڪ: علي حسن رند
ھڪ ته ڪورونا وبا سبب اسڪول بند ٿيڻ جي ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم تباھه ٿي چڪي آهي مٿان وري چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي ۽ ايس ڊي او ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي نااھلي سبب تعلقي بلڙي شاھه ڪريم جا ڪيترائي اسڪول ھڪ ته بند پيل آهن ۽ ڪن جي وري تعمير مڪمل نه ٿي سگھي آهي، سنڌ سرڪار ته اسڪولن جي تعمير لاءِ وڏي رقم جاري ڪري ڇڏي آهي پر انهن اسڪولن جي پيڙهه جا پٿر رکڻ بعد ڊي پي سيون ٻڌرايون ويون آهن، ان کانپوءِ ٺيڪيدارن، تعليمي عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن جي ڳٺ جوڙ سبب ڪم اڳتي نه وڌي سگهيو آهي، تعلقي ۾ ڪافي اھڙا اسڪول به آهن جيڪي وڏيرن جي اوطاقن ۽ مال جي واڙن ۾ تبديل آهن ۽ ڪافي اھڙا به اسڪول آهن جيڪي زبون حالي جو شڪار آهن، سرڪاري خزاني مان تيار ٿيندڙ اسڪولن جا منصوبا مڪمل ڇو نه ٿي سگھيا آهن. آخر ھن اھم مسئلي تي ڇو خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي؟ تعليم جي تباھي جو ذميوار ھتان جي چونڊيل نمائندن کي به قرار ڏنو وڃي، ڇو ته عوام چوي ٿو ته اسان جي ووٽ تي چونڊيل نمائندن مٿان اها به ذميواري هئي ته اهي نوجوانن ۽ نياڻين جي بهتر تعليم لاءِ عملي ڪم ڪري قدم کڻن ها ۽ دلچسپي وٺي اهڙن منصوبن کي مڪمل ڪرائين ها، تعلقي ۾ نامڪمل منصوبن ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج به شامل آهي جيڪو 12 سالن گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، ڪروڙين رپيا هن ڪاليج تي خرچ ٿيا آهن پر 12 سال گذرڻ باوجود اڃا به ڪم اڌ ۾ پيل آهي، ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو آهي، جيڪڏهن جاچ ٿيندي ته اڇا ڪارا پاڻ ئي پڌرا ٿي پوندا ته ڪاليج جي اڏاوت جي پئسن مان ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن هٿ ڌوتا آهن ۽ ڪهڙا ڪهڙا مڪمل طور تي شنان ڪري چڪا آهن پر ظلم ته اهو آهي ته جاچ به ڪري ڪير؟ يوسي حاجي محمد جت جو سرڪاري هاءِ اسڪول به ڪافي وقت کان مڪمل نه ٿي سگھيو آهي، نوجوانن ۽ نياڻين جي تعليم لاءِ سرڪار پاران اسڪول لاءِ ڪروڙين روپيا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن پر انڪشاف ٿيو آهي ته لاڳاپيل کاتي جو هڪ ڪامورو سموري رقم ھڙپ ڪري ويو آهي، جنھن ڪري ھن اسڪول جي بلڊنگ نه ٺھي سگھي آهي، اسڪول جا جيڪي پلر ٻڌا ويا هئا اھي به ھاڻي ڳري ختم ٿيندا پيا وڃن،.ڏاوڏون شھر جو سرڪاري هاءِ اسڪول به مڪمل نه ٿي سگھيو آهي، جنھن ۾ پڻ ايجوڪيشن ورڪس کاتي مٿان ڪرپشن جا الزام آهن، بلڙي شاھه ڪريم جي مين پرائمري اسڪول جو ھلندڙ تعميراتي ڪم به رڪجي ويو آهي ان کانسواءِ تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي مختلف ڳوٺن جا ڪيترائي اسڪول زبون حالي جو شڪار آهن ۽ ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن، ڳوٺ علي محمد آمڙو جو اسڪول به مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، ڪافي سال اڳ بس رڳو ڊي پي سي ٻڌي وئي پوءِ ڳوٺاڻن ان ٺيڪيدار کي اڄ تائين ناھي ڏٺو، 200 معصوم شاگردن جي تعليم تباھه ٿي چڪي آهي، ڳوٺ مراد جتوئي جو اسڪول زبون ٿي ڊھي ختم ٿي چڪو آهي پر وري نه ٺھيو آهي، ڳوٺ شھداد خان رند، ڳوٺ رحمان رند ۽ ڳوٺ مسو خان رند جا سرڪاري اسڪول بند پيل آهن ھنن ڳوٺن جي معصوم ٻارڙن جي تعليم تباھه ٿي رھي آهي . يو سي حاجي محمد جت ۾ ٽوٽل پرائمري اسڪول 29 آھن جن مان بند پيل ھڪ اسڪول علي محمد آمڙو 2011ع ۾ ٺھيل هو، اسڪول ٺيڪيدار ڊھرائي ڇڏيو پر اڄ تائين ناهي ٺھرايو ويو، 2 GPS نور محمد سومرو 2010 کان بند آهي، GPs عرس سومرو 2010 کان بند آھي، ديهھ آمڙڪي ۾ 3 اسڪول آھن پر ٽئي بند پيا آھن، ديهھ رائين ۾ GPs حسين آباد ڳوٺ الهرکيو جت ۽ Gps حاجي احمد ککر جا اسڪول به بند پيل آھن، جڏهن ته حاجي احمد ککر جي اسڪول جي عمارت جو ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو آھي، جنهن کي 5 سال گذري ويا آھن ته واپس ناهي آيو، Gps قاسم ساند جو اسڪول ته هلندڙ آھي پر استاد ھڪ مهيني ۾ هڪ ڏينهن ايندو آھي ۽ پگهار گهر ويٺي کڻندو آهي، ديهھ ساندڪي ۾ Gps ملڪي ايٽ موسا ساند، فضل محمد رند ايٽ حاجي لائيق ساند، Gps علي محمد شورو، Gps امير شاهه ايٽ حاجي غلام محمد جت، Gbps حاجي محمد جت ۽ Gps علي محمد ڪپري پڻ بند پيل آھن ۽ Gps حاجي عمر شورو هلندڙ آھي پر استاد مهيني ۾ هڪ ڀيرو ايندو آھي، ھن کانسواءِ ڪافي سرڪاري اسڪول بند پيل آهن ۽ ڪافي اسڪول وڏيرن جي اوطاقن ۽ مال جي واڙن ۾ تبديل آهن، ڪير به انھن تي ايڪشن نٿو کڻي ۽ شاگردن جي تعليم تباھه ٿي رھي آهي، اھو به معلوم ٿيو آهي ته ڪافي اسڪولن تي مقرر ٿيل استاد حاضري ڏئي ھليا ٿا وڃن شاگردن کي تعليم نٿا ڏين، گورنمينٽ ڪئمپس ھاءِ اسڪول جي حالت رحم جوڳي آهي، جنهن ۾ پاڻي ۽ بجلي جي بنيادي سھولت به نه آهي، اسڪول وٽ ٺھندڙ ليب جي عمارت به مڪمل نه ٿي آهي، صرف ڊي پي سي ٻڌي وئي آهي، تعلقي بلڙي شاھه ڪريم جي مختلف ڳوٺن ملاڪاتيار، جنھاڻ سومرو، سنڌ آبادگار، سعيد خان لنڊ، سليمان سومرو، جھنگ ڪاتيار، الھيار ترڪ، ھيرڻ جاگير، چڪ حسن آباد، ڪپور ۽ ٻين ڳوٺن ۽ شھرن جي اسڪولن جي حالت رحم جوڳي آهي، سنڌ سرڪار ۽ تعليم کاتي کي گھرجي ته بلڙي شاھه ڪريم تعلقي جي تعليم جي تباھي جو نوٽيس وٺي ملوثن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسڪولن کي مڪمل ڪرائي شاگردن جي تعليم تباھه ٿيڻ کان بچائي وڃي.