ايڊيٽوريل
پاڪستان ۾ ٻارن اندر ارڙي جي بيماري وڌڻ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي، طبي رسالي نيچر ميڊيسن ۾ شايع ٿيل رپورٽ مطابق پاڪستان 2021ع ۾ ارڙي خلاف ويڪسين نه ڪرائيندڙ 5 ملڪن جي لسٽ ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ گذريل سال 40 ملين ٻارڙن کي ارڙي کان بچاءَ جي ويڪسين نه لڳائي وئي آهي، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ گذريل سال 120 ملين ٻارڙن کي ارڙي کان بچاءَ جي ويڪسين ناهي ڏني وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وبا سبب ٻارڙن ۾ ارڙي جي ويڪسينيشن جو عمل متاثر ٿيو آهي، ان ڪري ارڙي ۽ ٻيون بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن، رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ هلندڙ سال جنوري کان هن وقت تائين ارڙي جا 8 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 47 موت ٿيا آهن، ارڙي جا 65 سيڪڙو ڪيس 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۾ رپورٽ ٿيا آهن، جن مان 78 سيڪڙو جي ويڪسينيشن ناهي ٿي، محققن جو چوڻ آهي ته صحت واري شعبي ۾ سرمائيڪاري جي کوٽ، طبي خدمتن جو نه هجڻ، گذائي کوٽ، ويڪسين لڳرائڻ ۾ گهٻراهٽ، عوامي غفلت ۽ هاڻ ڪورونا پاڪستان ۾ ارڙي جي پکيڙ ۽ موت جي شرح ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. محققن مطابق ارڙي تي ڪنٽرول لاءِ ويڪسينيشن جاري رکڻ انتهائي اهم آهي، جيڪڏهن ارڙي تي ويڪسينيشن ذريعي جلد ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته اها پاڪستان جي هيلٿ ڪيئر سسٽم لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پاڪستان کي مختلف مرضن جي حوالي سان ڪيترائي چئلينج سامهون آهن، سڀ کان وڏو چئلينج جيڪو سڄي دنيا سميت پاڪستان کي به آهي اهو هن وقت ڪورونا آهي پر ڪورونا جي ڪري خاص ڪري ٻارڙن ۽ عورتن جي هلندڙ ويڪسينيشن تي جيڪي اثر پيا آهن، اهي به رپورٽن ۾ سامهون اچي رهيا آهن، تازي رپورٽ ۾ ارڙي وگهي موتن جو جيڪو انگ ٻڌايو ويو آهي اهو ته بلڪل گهٽ آهي، ڇو ته سنڌ اندر ڪيتري ئي عرصي کان ارڙي جي بيماري وگهي سوين ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، رڳو هڪ تعلقي ٺل اندر ئي فوتي ٻارڙن جو انگ 70 کان وڌيڪ آهي، جيتوڻيڪ ان قسم جي ميگزينن ۾ ٿيندڙ سروي رپورٽون ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي ڇڏي ڪري صرف ڪجهه مخصوص علائقن تائين محدود هونديون آهن پر پنهنجي جاءِ تي اها الارمنگ سچوئيشن آهي ته ملڪ اندر ارڙي جي بيماري ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ارڙي جيئن ته معصوم ٻارڙن تي حملا آور ٿيندي ان ڪري ان بيماري تي فوري طور ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن خدا نه ڪري ان جا ڪيس وڌي ويا ته اڳ ئي ڪورونا سبب خراب ٿيل حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون ۽ ڪو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، اسان جي سنڌ حڪومت ۽ خاص ڪري صحت واري وزارت کي گهرجي ته ڄاڻايل رپورٽ جو نوٽيس وٺي سنڌ اندر ارڙي جي ويڪسين وارو عمل شروع ڪرايو وڃي ۽ خاص ڪري جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ ٻين اهڙن ضلعن ۾ ته هنگامي بنيادن تي ويڪسينيشن شروع ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن جتي ارڙي جا ڪيس وڌيڪ آهن، گڏوگڏ ڪورونا جي ويڪسينيشن وارو عمل به جاري رکيو وڃي ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته تازي طبي رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته ويڪسينيشن نه ٿيڻ سبب نه رڳو ارڙي پر ٻين مرضن ۾ به واڌ ٿي رهي آهي، ان ڪري اسان کي تڪڙا قدم کڻڻا پوندا.