ACCIDENT 150

حيدرآباد ۾ آئل ٽينڪر جي ٽڪر ۾ پورهيت فوت، لاش سول اسپتال منتقل

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ آئل ٽينڪر جي ٽڪر ۾ پورهيت فوت ٿي ويو. حيدرآباد باءِ پاس تي آئل ٽينڪر پورهيت کي ٽڪر هڻي چيڀاٽي ڇڏيو. پورهيت موٽر سائيڪل تي روڊ پار ڪري رهيو هو ته آئل ٽينڪر کيس ٽڪر هنيو. پورهيت جي سُڃاڻپ غلام شبير شاهه پُٽ شاهه محمود طور ٿي آهي جيڪو ڪوٽڙي جو رهواسي آهي. نسيم نگر پوليس جو ڪيس داخل ڪري فوتي کي سول اسپتال پهچايو، جڏهن ته ڊرائيور نصرالله کي ٽينڪر سميت حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو