120

حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن آمهون سامهون، اليڪشن ڪميشن سدائين ڌانڌلي ڪندو آهي، اهڙن ادارن کي باهه ڏئي ڇڏيو: اعظم سواتي

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) اليڪٽرانڪ ووٽنگ واري معاملي تي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن آمهون سامهون ٿي ويا آهه ۽ ان معاملي تي ڏڦيڙ پڻ وڌي ويا آهي. وفاقي وزيرن  اليڪشن ڪميشن تي پئسا وڄڻ ۽ ڌانڌلي ڪرائڻ جو الزام پڻ هڻي ڇڏيو آهي. وزيرن جي سخت رويي خلاف اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي  اجلاس مان  احتجاج طور واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. جمع ڏينهن سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ چيئرمين تاج حيدر  جي صدارت هيٺ ٿيو،  جنهن ۾ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيئرمين تاج حيدر چيو ته اليڪشن ڪميشن اي وي ايم جي معاملي تي خط لکيو آهي، جنهن اداري کي قانون تي اعتراض آهن ان کي ٻڌو وڃي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ چيو ته انهن کي اڳ ۾ ڳالهائڻ ڏنو وڃي، هڪ اداري جي موقف تي حڪومت جو موقف به اچڻ گهرجي، ان اداري جو مينڊيٽ آئين موجب صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي مرضي نٿو هلائي سگهي، اهو قانون کان مٿانهون نه آهي، پارليامينٽ جي قانون ٺاهڻ جي اختيار تي ڪو اعتراض نٿو ڪري سگهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجون سفارشون ڏئي سگهي ٿو پر اعتراض نه ٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي وفاقي وزير اعظم سواتي چيو ته اليڪشن ڪميشن حڪومت جو مذاق اڏائي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن سدائين ڌانڌلي ڪندو آهي، اليڪشن ڪميشن جو ڪم رڳو پئسا ميڙڻ آهي، توهان دوزخ ۾ وڃو، اهڙن ادارن کي باهه ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن ملڪ جي جمهوريت کي تباهه ڪرڻ جي ذميوار آهي. آئين مان اليڪشن ڪميشن کي ڪڍي ڇڏيو، آئين ۾ ترميم ڪري چپنڊون ڪرائڻ جو اختيار حڪومت جي حوالي ڪيو وڃي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته جڏهن کان اليڪشن ڪميشن بااختيار ٿيو آهي، انهن کي تڪليف پئي ٿئي. سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اليڪشن ڪميشن تي الزام به سخت لڳايا ويا آهن، اعظم سواتي ٻڌائي ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن کان پئسا ورتا آهن؟ ڇا اليڪشن ڪميشن ن ليگ يا پ پ کان پئسا ورتا آهن؟ هوڏانهن مملڪتي وزير علي محمد خان ۽ ڪامران مرتضيٰ اليڪشن ڪميشن اختيارين کي پرچائڻ ويا ته اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال چيو وزيرن ايوان صدر ۾ ٿيل اجلاس ۾ به بداخلاقي ڪئي، اڄ سنگين الزام هنيا ويا، اهڙي ماحول ۾ اجلاس ۾ شرڪت نٿا ڪري سگهون، وزيرن جي رويي بابت چيف اليڪشن ڪمشنر کي آگاهه ڪنداسين. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جو وفد اجلاس ڇڏي پارليامينٽ هائوس مان روانو ٿي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو