123

افغانستان ۾ معاشي بحران ڪنهن جي حق ۾ ناهي، عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: شاهه محمود

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پر ڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ معاشي بحران ڪنهن جي حق ۾ ناهي، عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي،اسلام آباد ۾ اسپين جي هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي، هن چيو ته پائيدار امن خطي جي مفاد ۾ آهي، اسانکي افغانستان کي انساني بحران جي صوتحال کان بچائڻو پوندو، پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي پنهنجيون ذميواريون ادا ڪندو رهندو، عالمي برادري ۽ ادارا مختص ڪيل فنڊ بحال ڪن، هن چيو ته پاڪستان ۽ اسپين جا مقصد هڪجهڙا آهن، ٻئي ملڪ امن جا خواهشمند آهن، چاهين ٿا ته خطي ۾ امن ٿي،  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسپين جي هم منصب سان پريس ڪانفرنس ڪئي، افغان صورتحال تي پڻ ڳالهيون ڪيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو