123

نائين اليون : نئين افغان حڪومت جي حلف برداري اڄ ٿيندي، مختلف ملڪن کي شرڪت جي دعوت

 ڪابل (ويب ڊيسڪ)  نائين اليون تي نئين افغان حڪومت جي حلف برداري اڄ ٿيندي، مختلف ملڪن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي،افغان جي نئين حڪومت حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي مختلف ملڪن جي سربراهن کي دعوت ناما موڪلي ڇڏيا آهن، تقريب ۾ پاڪستان، چين، ترڪي، مصر، قطر ، گڏيل عرب امارات، روس ۽ از بڪستان  جا  سربراهه  ۽ نمائندا شريڪ ٿيندا، نئين افغان ڪابينا آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ ٽاور تي حملي جي 20 سال مڪمل ٿيڻ تي اڄ حلف کڻندي، هوڏانهن  طالبان اڳوڻي حڪومت ۾ اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيل  ڪيترن ئي ماڻهن جا بينڪ اڪائونٽس بند ڪري ڇڏيا آهن، جن ماڻهن جا بينڪ اڪائونٽ بند ڪيا ويا آهن، انهن مان اڪٽر ملڪ مان فرار ٿي چڪا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو