122

ملڪ ۾ ڪورونا جي ڇوٿين لهر وڌيڪ 83 حياتيون کسي ورتيون، 3689 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جي ڇوٿين لهر وڌيڪ 83 حياتيون کسي ورتيون، 3689 نوان ڪيس ظاهر   ٿيا، رپورٽ موجب  ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن جي مثبت ڪيسن جي شرح 6.03 سيڪڙو رهي،  جڏهن ته فوتين جو انگ26580 تائين پهچي چڪو آهي، ٻئي طرف پنجاب ۾ ڪورونا ويڪسين جي غلط ڊيٽا انٽري روۡڪڻ لاءِ ڪوڊ سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي، پنجاب ۾ اسڪول وڌيڪ 3 ڏينهن بند ڪيا ويا آهن، هوڏانهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 27 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7116 ٿي ويو آهي جڏهن ته 21002 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1082 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 27 مريض فوت ٿيا آهن ۽ فوتين جو تعداد 7116 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 21002 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جنهن مان 1082 ڪيس معلوم ٿيا جيڪي 5.2 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5719473 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 443038 ڪيسن جي تشخيص ٿي چڪي آهي انهن مان 87.4 سيڪڙو يعني 386998 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 632 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 48924 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 48115 گهرن ۾، 40 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 769 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 689 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جن ۾ 57 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 1082 نون ڪيسن مان 456 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 189، ضلع ڏکڻ 127، ضلع سينٽرل 62، ملير 32، ڪورنگي 28 ۽ اولهه 18 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 140، سجاول 38، ٽنڊوالهيار 33، بدين 32، ٺٽو 31، سانگهڙ 30، گهوٽڪي 29، سکر 25، دادو 23، شڪارپور 22، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص 21-21، شهيد بينظير آباد 20، نوشهروفيروز 19، مٽياري ۽ ٽنڊو محمد خان 18-18، ڄامشورو ۽ قمبر 17-17، خيرپور 14، ڪشمور ۽ لاڙڪاڻو 9-9، جيڪب آباد 8، عمرڪوٽ 7 ڪيس آهن. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو