128

سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته حڪومتي ميمبرن  احتجاج طور واڪ آئوٽ ڪيو. اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ چيئرمين تاج حيدر چونڊ سڌارن واري بل تي ووٽنگ جو اعلان ڪيو ته حڪومتي ميمبرن اعتراض واريو. وفاقي وزير اعظم سواتي ووٽنگ جي صورت ۾ بيماريءَ سبب اجلاس مان غيرحاضر حڪومتي ميمبر  ثمينه ممتاز کان پڻ آن لائين راءِ وٺڻ لاءِ زور ڀريو پر چيئرمين انڪار ڪندي چيو ته ووٽنگ ۾ رڳو حاضر ميمبر ئي حصو وٺي سگهن ٿا. جنهن تي حڪومتي ميمبرن ڪميٽيءَ جي چيئرمين جي رويي خلاف احتجاج طور اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڪميٽيءَ جي چيئرمين حڪومتي ميمبرن جي غيرحاضري ۾ ووٽنگ ڪرائي چونڊ سڌارن واري ترميمي بل کي رد ڪري ڇڏيو. جنهن هيٺ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ترميم پڻ رد ٿي وئي. .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو