154

افغان طالبان اچڻ سان ڀارت کي وڏو ڌڪ لڳو، ضروري ناهي ته اهي اسان جي مشورن تي هلن: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيدچيو آهي ته  افغان طالبان اچڻ سان ڀارت کي وڏو ڌڪ لڳو، ضروري ناهي ته اهي  اسان جي مشورن تي هلن، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسان دنيا ڏنهن ڏسي رهيا آهيون، وزير اعظم جلد دوشنبي ۾ روسي صدر کان علاوه ايراني ۽ ازبڪ صدر سان پڻ ملاقات ڪندو، موجوده صوتحال ۾ وزير اعظم عمران اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اشرف غني کي سمجهايو هو پر هو نه سمجهيو، هن چيو ته عمران خان مونکي چيو هو ته اشرف غني کان تمام گهڻو برو ٿيندو، افغانستان سان هر ممڪن تعاون ڪنداسين، شيخ رشيد اهيو انڪشاف ڪيو ته طالبان کي ڪابيان ۾ عبدا الله عبدالله ۽ حامد ڪرزئي کي شامل ڪرڻ جي لاءِ چيو هو جنهن تي هنن جواب ڏنو ته هو ڇا توهان آصف علي زرداري ۽ نواز شريف کي پنهنجي ڪابينا ۾ شامل ڪندا؟ 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو