لاهور (ويب ڊيسڪ) (ن) ليگ اڳواڻ خواجه آصف خلاف نيب ريفرنس تيار ڪري ڇڏيو آهي، نيب لاهور آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس منظوري جي لاءِ نيب چيئرمين کي موڪليو آهي، ريفرنس ۾ آمدني اثاثن بابت خواجه آصف کي مرڪزي جوابدار نامز ڪيو ويو آهي،ريفرنس عدالت ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ کيس لاهور جي احتساب عدالت ۾ طلب ڪيو ويندو.
