119

سنڌ ۾ عورتن سان زيادتي ڪيسن جي جاچ ۾ ٽو فنگر ٽيسٽ ختم

 ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ عورتن سان زيادتي ڪيسن جي جاچ ۾ ٽو فنگر ٽيسٽ ختم ڪئي وئي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عورتن سان زيادتي ڪيسن جي جاچ ۾ ٽوفنگر ٽيسٽ جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، صحت کاتي ٽوفنگر ٽيسٽ ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ، صحت کاتي جي عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته زيادتي ڪيسن جي جاچ جي لاءِ ٽوفنگر ٽيسٽ ختم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته صحت کاتي پاران 220 ڊاڪٽرياڻين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃِي، جنهن کانپوءِ عدالت ڊاڪٽرياڻين جي ڀرتي بابت حڪومتي جواب کانپوءِ درخواست اڪلائي ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو