ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان حامد ڪرزئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جونالو تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هوائي اڏي تان حامد ڪرزئي انٽر نيشنل ايئرپورٽ جا بورڊ به هٽائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته مختلف افغان اڳواڻ جي نالن سان منسوب هنڌن جا نالا پڻ تبديل ڪيا ويا آهن، هوڏانهن ذريعن موجب حامدڪرزئي ايئرپورٽ جو نالو ڪابل انٽرنيشنل ائيرپورٽ رکيو ويو آهي، جڏهن ته ان جي سرڪاري سطح تي تصديق نه ٿي سگهي آهي.
121