لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن ) جي صدر شهباز شريف سينيٽ ڪميٽي ۾ اليڪشن ڪميشن تي حڪومتي وزيرن جي الزامن تي ردعمل ۾ چيو آهي ته حڪومت ڌمڪين تي لهي پئي آهي، وزيرن جو رويو رياست دشمن ۽ دهشتگردن جهڙو آهي. پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو آئيڊيا رد ٿيڻ تي حڪومت ڌمڪين تي لهي پئي آهي. حڪومت وٽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت دليل نه پر ڌمڪيون آهن، ثابت ٿي ويو ته حڪومت وٽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي اٿندڙ فني ۽ ٽيڪنيڪي سوالن جو ڪو جواب نه آهي، اليڪشن ڪميشن جي اٿاريل ٽيڪنيڪي ۽ قانوني اعتراضن ۽ شفافيت جي مسئلن بابت حڪومت ڪو جواب نه ڏئي سگهي. هن چيو ته اڳ ۾ پارليامينٽ ۾ قانون سازي کي بلڊوز ڪيو ويو ۽ اڄ حڪومتي رويي تي اليڪشن ڪميشن نمائندن کي واڪ آئوٽ ڪرڻو پيو، وزيرن جا ادارن کي باهه ڏيڻ ۽ انهن کي جهنم ۾ وجهڻ جا بيان رياست دشمن دهشتگردن جهڙو رويو آهي جيڪو انتهائي مذمت جوڳو آهي. ٻي پاسي پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي باهه ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي ۽ ان کان ڪير پڇڻ وارو به نه آهي. پنهنجي ٽويٽ ۾ مريم نواز لکيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي باهه ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي رهي آهي ۽ ڪير پڇڻ وارو به نه آهي، اسان ادارن تي نه پر رڳو انهن ۾ لڪل ڪڌن ڪردارن تي تنقيد ڪئي آهي، جڏهن ته هتي حڪومت سڄي اداري کي باهه ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي رهي آهي ۽ ڪير پڇڻ وارو به نه آهي.
111