راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ اي آءِ جي موٽروي گاڏي تي فائرنگ سبب زخمي، ڀاءُ مارجي ويو، فتح جنگ انٽر چينج وٽ اي آءِ جي موٽروي سجاد افضل جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ سبب اي آءِ جي زخمي ٿي پيو، جڏهن ته سندس ڀاءُ نعمان افضل فوت ٿي ويو، اطلاع تي سينيئر پوليس آفيسر پهچي ويا، جن واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته زخمي کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، موٽروي پوليس جي ترجمان موجب سجاد افضل آفريدي ايم ون تي مشڪوڪ گاڏي جو پيڇو ڪري رهيو هو ۽ ان کي ٻه گوليون لڳيون آهن.
