ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جرمن نيوي جهاز فريگيٽ بيئرن (Frigate BAYERN) جي وفد سان وزيراعليٰ ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. تازو ئي اهو جهاز جرمن – پاڪستان جي 70 سالن جي ٻه طرفن لاڳاپن جي جشن جي سلسلي ۾ ڪراچي پورٽ آيل آهي. جهاز جي وفد جي اڳواڻي جرمني جي پاڪستاني ۾ سفير برن هارڊ شلاگيڪ (Bernhard Schlagheck) ڪئي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ جرمن قونصل جنرل ھولگر زيگلر (Holger Ziegeler)، ملٽري اتاشي – ڪرنل مائيڪل نوٿ (Michael Nauth)، ڪمانڊر آفيسر بيئرنگ شپ ٽلو ڪالسڪي (Tilo Kalski)۽ ٻيا نيوي جا آفيسر شامل هئا. وڏي وزير، صوبي ۾ آيل وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ٻطرفن لاڳاپن کي زبردست انداز ۾ ملهائڻ جو هڪ خوبصورت موقعو آهي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، ڪورونا صورتحال، واپار ۽ ثقافتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي نيوي شهر آهي. وڏي وزير، سنڌ جون روايتي سوکڙيون اجرڪ، ٽوپي، کهيس وغيره مهمانن ۾ ورهايون
127