121

وفاق سستي مقامي کنڊ ڇڏي مهانگي خريد ڪري ورتي، يوٽيلٽي اسٽورن کي 123 رپيا ڪلو پوندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سستي مقامي کنڊ ڇڏي مهانگي خريد ڪري ورتي، يوٽيلٽي اسٽورن کي 123 رپيا ڪلو پوندي، رپورٽ موجب وفاقي حڪومت مهانگي درآمد کنڊ جو سودو  ڪيو آهي، ذريعن موجب کنڊ لاءِ 637.10 ڊالر في ٽن گهٽ کان گهٽ ٻولي منظور ڪئي وئي آهي،درآمد کنڊ پورٽ کي 108 رپيا 85 پئسا في ڪلو پوندي، خرچ ملائي يوٽيلٽي اسٽورن کي تقريبن 123 رپيا ڪلو پوندي، جڏهن ته ٽريڊنگ ڪارپوريشن پاڪستان 2 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ جا سودا ڪيا، کنڊ الخليج گروپ کان خريد ڪئي وئي آهي، درآمد ڪيل کنڊ جي پهرين کيپ 20 کان 24 سيپٽمبر تائين پاڪستان پهچندي، يوٽيلٽي اسٽورن کي ڏني ويندي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو