ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار تعيلمي سڌارن لاءِ پرائيويٽ اسڪولز ايڪٽ کي تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران خانگي اسڪولن سرڪار کي نظرانداز ڪندي پنهنجي مرضي هلائي آهي. تعليم کاتي واري وزير سيد سردار شاهه ٽي ايل پي جي ثروت فاطمه جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ايوان ۾ اعتراف ڪيو ته بلڪل خانگي تعليمي ادارا من ماني ڪن ٿا، خانگي اسڪولن کي 10 سيڪڙو مفت تعليم ڏيڻي آهي، پر عمل نه ٿا ڪن، ڪورونا وائرس سبب 20 سيڪڙو گهٽ فيس وٺڻ واري سرڪاري نوٽيفڪيشن تي به ڪجهه ادارن عمل نه ڪيو، جنهن بعد ڪجهه ادارن خلاف ڪارروائي ٿي ۽ ڪجهه ادارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي، هاڻي اهو معاملو عدالت ۾ هليو ويو آهي، عدالت جيڪو فيصلو ڏنو ان تي عمل ڪيو ويندو، هن چيو ته پرائيويٽ اسڪولز ايڪٽ کي تبديل ڪيو ويندو ان ۾ ڪجهه خاميون موجود آهن،ايمرجنسي رليف تحت فيس گهٽائڻ وارو معاملو عدالت ۾ آهي فيصلي کان پوءِ ايڪشن ڪنداسين، هن چيو ته خانگي اسڪولن ۾ 32 کان 33 لک ٻار پڙهن ٿا، هر خانگي اسڪول کي 10 سيڪڙو غريب ماڻهن کي مفت داخلا ڏيڻي آهي ان لاءِ سختي ڪرڻي پوندي، انهن کي عمل ڪرايو ويو ته به 2 کان 3 لک غريب ٻار پڙهي ويندا، ان لاءِ مخالف ڌر به ساٿ ڏئي، جئين ڪو دٻاءَ نه اچي.
135