مٺي (ويب ڊيسڪ) مٺي جي عدالت لڄالٽ بعد حمل ٿيڻ ڪري خودڪشي ڪندڙ نوجوان ناري ليلا ميگهواڙ جي ڪيس ۾ جوابدار کي 24 سال قيد، زيادتي، حمل ضايع ڪرڻ ۽ خودڪشي تي مجبور ڪرڻ جي ڌار ڌار ڏوهن ۾ 94 لک ڏنڊ جي سزا جو فيصلو ڏئي ڇڏيو، ڏيپلو تعلقي جي ڳوٺ ڪوئنرل ۾ ڏيڊ سال اڳ 16 سالن جي ناري ليلان ميگهواڙ کي مبينا طور تي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو هو، ان وقت ناري 7 مهينن جي حمل سان هئي، جنهن بعد ناري ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي هئي، واقعي جو ڏيپلو ٿاڻي جي ناري جي والد سوجارام ميگهواڙ واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو هو ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ رپورٽ ۾ جوابدار ڪونپجي ٺڪر جا جزا ميچ ٿيا هئا، جنهن بعد جوابدار ناري سان لڪ چوري شادي هجڻ جي دعويٰ ڪري عدالت ۾ درخواست پڻ داخل ڪرائي هئي، گذريل سال کان ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ هو ، عدالت ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڪونپجي ٺڪر کي زيادتي جي ڏوهه ۾ 24 سال قيد ۽ 10 لک ڏنڊ، خودڪشي تي مجبور ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 42 لک ڏنڊ ۽ ڪنواري ناري جو حمل ضايع ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 42 لک ڏنڊ جي سزا جو فيصلو ڏنو آهي، عدالتي فيصلي کانپوءِ جوابدار کي سختي پهري هيٺ سينٽرل جيل اماڻيو ويو.
160