ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) نوري آباد ٿاڻي جي حد ويجھو ڪوھستاني پٽي ڪارو جبل وٽ فائرنگ دوران ھڪ ڄڻو مبينا طور گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو ٻه ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا، واقعي ۾ گيلو عرف واحد بخش ولد بادو پالاري شديد زخمي ٿي پيو، جيڪو بروقت اسپتال نه پچڻ ۽ علاج نه ٿيڻ ڪري چار ڪلاڪ کان پوءِ جهنگ ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. جڏھن ته ٻه ڄڻا جاويد ولد باقر پالاري ۽ صابر ولد علي محمد پالاري کي ونڊ ڪمپني ۾ مقرر جاکرا برادري جي گارڊن پڪڙي ورتو، جنھن کانپوءِ مارجي ويل جو لاش ۽ ٻنھي ڄاڻايل چورن کي سيڪيورٽي گارڊن کڻي جنگشاھي ويجھو لڳندڙ ٽاور تي آندو جتي نوري آباد پوليس جي حد ھجڻ ڪري نوري آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، نوري آباد پوليس ٿاڻي تي ونڊ پاور انتظاميا پاران ڪا چوري جي اين سي داخل ناھي ڪرائي وئي. سيڪورٽي گارڊن پاران بيان ڏنو آھي ته جوابدار ونڊ پاور مان چوري ڪري رھيا ھئا، جنھن سبب گولي ھڻي زخمي ڪيا، جنھن ڪري ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، نوري آباد پوليس پاران چار ڄڻا، ظهير جاکرو،حبيب، مجيد ۽ ممتاز جاکرو کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف فوتي جي وارثن بادو پالاري ۽ زخمين جي وارثن باقر پالاري پاران صحافين کي ٻڌايو ويو ته ڪا به چوري ناھي ٿي، سيڪيورٽي گارڊن گولي ھڻي ظلم ڪيو آھي، انصاف ڪيو وڃي، فوتي جو لاش نوري آباد ٿاڻي تي آندو جتي ضروري ڪارروائي ۽ اسپتال مان پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي زخمين کي نوري آباد جي سرڪاري اسپتال ۾طبي امداد ڏني وئي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي نوري آباد ٿاڻي جي ايس ايچ او ٻڌايو ته پالاري برادري سان تعلق رکندڙ چوري جي ارادي سان ويا هئا ته هوائي فائرنگ ٿي ته موقعي تان فرار ٿي ويا، هڪ ڄڻو فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو، فائرنگ کانپوءِ 5 ڪلو ميٽر پري رستي تان جوابدارن کي پڪڙي واپس ٽاور تي کڻائي ويا، ملوث سيڪيورٽي گارڊ گرفتار ڪيا ويا آهن، وڌيڪ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڪارروائي ڪئي ويندي.
148