ڪراچي (ويب ديسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته زيادتي جو شڪار ٿيندڙن کي الزام ڏيڻ ۽ کانئن سوال ڪرڻ وارو لمحو تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي جنهن جا معاشري تي خراب اثر پوندا آهن، هڪ انٽرويو ماهرا خان چيو ته زيادتي جو شڪار ٿيندڙ ڇوڪرين سان موقعي تي سوال جواب ڪرڻ ئي غلط هوندو آهي، ماڻهن جي سوچ کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڊراما ۽ فلمون رول ادا ڪري سگھن ٿيون.
