لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي منشيات جي روڪٿام واري خصوصي عدالت مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر رانا ثناءُ الله تي منشيات برآمدگي ڪيس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فرد جرم لاڳو نه ڪري سگهي. عدالت رانا ثناءُ الله سميت پنجن ملزمن خلاف منشيات برآمدگي ڪيس جي ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي سڀني ملزمن تي فرد جرم عائد ڪرڻ واري ڪارروائي لاءِ طلب ڪيو آهي. منشيات جي روڪٿام جي خصوصي عدالت جي ججج محمد نعيم شيخ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم تي رانا ثناءُ الله پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. جڏهن ته ٻن جوابدارن عامر ۽ رستم طرفان حاضري معافي جي درخواست پيش ڪندي عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪورونا سبب ٽرانسپورٽ بند هئڻ جي ڪري جوابدار پيش نٿا ٿي سگهن جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هر تاريخ تي ڪو نه ڪو جوابدار غير حاضر هوندو آهي ۽ ان سان ڪيس کي اٽڪايو پيو وڃي جيڪو برداشت جوڳو ناهي. عدالت رانا ثناءُ الله جي حاضري لڳائڻ کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي ۽ فرد جرم عائد ڪرڻ جي ڪارروائي لاءِ سڀني جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجي پيشي يقيني بنائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
134