ليکڪ: اعظم ڀٽي
محمد دائود ”تاج“ ٽکڙائي 10 سيپٽمبر 1938ع تي ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ۾ جنم ورتو . هي حافظ حاجي حامد ٽکڙائي جو پڙ پوٽو، قاضي محمد دائود” مومن“ ۽ محمد هاشم ”مُخلص“ جو پوٽو ، محمد خان غني مرحوم جو فرزند آهي . 1956ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪجهه وقت ذاتي ڪاروبار بعد 1957ع ۾ تلڪ چاڙهي حيدرآباد تي سنڌي ادبي بورڊ جي بُڪ اسٽال تي ڪم ڪيائين، ان ئي سال سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو ۽ 3 سال نوڪري ڪرڻ بعد استعيفا ڏنائين . 1961ع ۾ ” اديب سنڌي “ جو امتحان پاس ڪيائين . 1975ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيائين. شاعري واري خانداني ورثي سبب شاعري جا جوهر ٻالڪپڻ کان ئي سندس ذهن ۾ پيوست ٿيل هئا. جنهن جوهر کي ساهه جيان سانڍيندي 1952ع ۾ 14 سالن جي عمر ۾ شعر لکڻ شروع ڪيائين . شروعات ۾ ”دائود “ جو تخلص ڪتب آندائين ، جنهن بعد سندس والد جي خواهش تي ” تاج “ تخلص طور ڪتب آندائين ، جيڪو تخلص اڄ ڏينهن تائين قائم اٿس . 1952ع ۾ ئي تعليم جي حصول لاءِ ڪراچي شهر جي سونهن پسڻ ويو ، جتي تعليم پرائڻ بعد نوڪري جي جهنجهٽ سبب ڪجهه عرصو اتي سڪونت اختيار ڪيائين ، جنهن عرصي دوران اتي ادبي سرگرمين ۾ بطور هڪ شاعر ڀرپور حصو ورتائين، جتي برک شاعر علي محمد اسير جي استادي نصيب ٿيس ، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ، مرحوم الهه بخش سرشار عقيلي ، محمد جمن هالو مرحوم ۽ ٻين بلند پايه شاعرن جي صحبت پلئه پيس ، ان ماحول ۾ پنهنجي شاعري کي اڳتي وڌايائين. 1962-1963ع تائين شاعري جي رونق افزا محفلن ۾ ڀرپور شرڪت ڪيائين ، 1970ع تائين واري سندس شاعري جي ذخيري مان شاعري جو ڳچ حصو گم ٿي ويس، جنهن جو کيس اڄ ڏينهن تائين افسوس آهي. تاج ٽکڙائي ذاتي زندگي ۾ بي انتها ڏک ، ٻهروپ ، بيوفايون ۽ ظلم برداشت ڪيا آهن ، سندس والد جي ٻي شادي سبب غربت ۽ گهر جي بار، دربدريءَ واري ماحول ۾ تعليم ۽ نوڪري ، شادي بعد اولاد جي مليل ملڪيت ۾ وڏي پُٽ جو نيم پاڳلپڻو ۽ ٻئي فرزند جو جواني ۾ موت سندس روح تي ضرب مثل ثابت ٿيا. ان جي باوجود به هن جي چهري مان ڪڏهن به مايوسي ظاهر نه ٿي ، هن مٺائي جو دوڪان به کوليو ، چانهه جي هوٽل هلائي ڪوئلي سان هٿ ڪارا ڪيا، ويڊيو ڪيسيٽن جو ڪاروبار ڪيو، ته وري ٻارن جون شيون وڪڻي به پنهنجو وقت پاس ڪيو . ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر ڪالوني ۾ ”محمد هاشم مخلص “ لائبريري قائم ڪري علم ڦهلائڻ جي تبليغ ڪري رهيو آهي. جتي حافظ حامد جي ياد ۾ هال پڻ جوڙايو اٿس جنهن ۾ ادبي ڪانفرنسون، مشاعرا، ادبي شامون ۽ ٻيا ادبي پروگرام منعقد ڪرائيندو رهي ٿو. سنڌي ادبي سنگت، عوامي ادبي فورم جو روح روان هئڻ سان گڏگڏ محمد خان غني ادبي تنظيم جو سرپرست اعليٰ پڻ آهي. جنهن پليٽ فارم تان ادبي سرگرمين کي فروغ ڏيندو رهي ٿو، هن وڌ ۾ وڌ غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، ان سان گڏوگڏ هر صنف تي لکيو اٿس، تاج جي شاعري ۾ اباڻي روايت مطابق رواني ، سلاست ، تجنيس حرفي ، محاورن ، تشبيهن ۽ استعارن جي خوبصورتي سمايل آهي . فلبديهه شاعري تي به وڏو عبور حاصل اٿس . گفتگو ۾ به شاعراڻو انداز رکندڙ آهي. سندس شاعري ۾ ذوق جماليات ۽ حُب الوطني چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪندي رهي ٿي. تاج ٽکڙائي لڳ ڀڳ 60 سالن جي شاعري واري زندگي ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جن مان انعام ٽکڙائي ۽ گل ٽکڙائي سنڌي شاعري ۾ پنهنجو هڪ بهترين مقام جوڙيو. سندس وڏي خوبي اها آهي جو لڳ ڀڳ مُني صدي جي عمر واري هن حصي ۾ به پنهجي هڙان وڙان خرچ ڪري ادبي ميلا مچائيندو رهي ٿو . فقيري طبعيت سبب جيڪا پذيرائي هو لهڻي ٿو اها کيس پلئه نه پئي آهي. ڀوڳ ، چرچا، سهپ ۽ برداشت جا مادا کيس ڄڻ ته ورثي ۾ مليل آهن. ڳالهه ٻولهه دوران استعمال ۾ ايندڙ لفظن سان قافيه ملائڻ سندس معمول بڻيل آهي. علمي ، ادبي ۽ ذاتي دوستن کي عزت ڏيڻ سندس خاص شيوو آهي. هن روينيو کاتي مان نوڪري تان ريٽائرمينٽ کانپوءِ سمورو وقت علمي ۽ ادبي سرگرمين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي، هن شاعري جي آسمان تي ڏات جا جيڪي ڏيئا جرڪايا آهن تن مان سندس ٻه مجموعا ” زندگي آهي سفر “ ۽ ” طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو “ ڇپجي چڪا آهن، ان کان علاوه به سندس کوڙ شاعري اڻڇپيل آهي. جيڪا مجموعي جو گهونگهٽ اوڍڻ لاءِ بيتاب آهي. سائين تاج ٽکڙائي کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيان ٿو.